23 سومر , آڪٽوبر 2017

آئرش ٽيم پاڪستان خلاف ٽيسٽ ڊيبيو ڪندي

دبئي (اسپورٽس نيوز) آئرلينڊ جي ٽيم ايندڙ سال ڪرڪيٽ جي تاريخ ۾ پنهنجي پهرين ٽيسٽ ميچ کيڏندي، جنهن دوران هوءَ پنهنجي سرزمين تي پاڪستان جي ميزباني ڪندي. هلندڙ سال جون ۾ انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل آئرلينڊ ۽ افغانستان جي ٽيمن کي ٽيسٽ اسٽيٽس ڏنو هو، جنهن کانپوءِ اهي ٻئي آءِ سي سي جي مڪمل رڪنيت حاصل ڪندڙ 11هون ۽ 12هون ملڪ بڻجي ويا هئا. هلندڙ هفتي آڪلينڊ ۾ ٿيل آءِ سي سي اجلاس ۾ پاڪستان ۽ آئرلينڊ جي اختيارين وچ ۾ هڪ معاهدو ٿيو، جنهن دوران ٻنهي ٽيمن وچ ۾ ٽيسٽ ميچ کيڏڻ جو حتمي فيصلو ڪيو ويو. ان ڏس ۾ آئرلينڊ ڪرڪيٽ جي چيف اگزيڪيوٽو آفيسر وارن ڊيوٽرم جو چوڻ هو ته اسان ايندڙ سال پنهنجي پهرين ٽيسٽ ميچ لاءِ پاڪستان جي ميزباني ڪرڻ تي خوش آهيون، اسان جي دلي خواهش هئي ته ٽيسٽ رڪنيت حاصل ڪرڻ کانپوءِ پنهنجي ڏسندڙن اڳيان ڪنهن وڏي ٽيم خلاف ٽيسٽ ڊيبيو ڪيون. پاڪستان ۽ آئرلينڊ جي ٽيمن وچ ۾ ٽيسٽ ميچ ايندڙ سال مئي ۾ کيڏي ويندي پر تاريخن ۽ هنڌ جو فيصلو اڃا تائين ناهي ڪيو ويو، ان حوالي سان جلد حتمي اعلان ڪيو ويندو.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

ايليڪس جي بهترين بيٽنگ، ڪينگروز جي پهرين ون ڊي ۾ انگلينڊ کي شڪست

برسبين (اسپورٽس نيوز) آسٽريلين وومين ڪرڪيٽ ٽيم ايشز سيريز جي پهرين ون ڊي ميچ ۾ …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي