21 جمعو , سيپٽمبر 2018

انجرين ڪونٽا کي ڪريملن ڪپ تان هٿ کڻائي ڇڏيو

لنڊن (اسپورٽس نيوز) برطانوي ٽينس اسٽار جوهانا ڪونٽا فٽنيس مسئلن سبب ايندڙ هفتي شيڊيول ڪريملن ڪپ ٽينس ٽورنامينٽ تان هٿ کڻي ڇڏيو آهي، جنهن کانپوءِ سندس سيزن جي آخري ٽورنامينٽ ڊبليو ٽي اي فائنلز کيڏڻ جو خواب به اڌورو رهجي ويو آهي. جوهانا ڪونٽا طرفان هٿ کڻڻ کانپوءِ ڪيرولين گارشيا جي ڊبليو ٽي اي فائنلز ۾ شرڪت يقيني بڻجي وئي آهي. جوهانا ڪونٽا کي ايونٽ تائين پهچڻ لاءِ ڪريملن ڪپ جي فائنل تائين پهچڻو هو پر فٽنيس مسئلن سبب ايونٽ تان هٿ کڻڻ جي ڪري هوءَ ڊبليو ٽي اي فائنلز ۾ شرڪت نه ڪري سگهندي. جوهانا ڪونٽا هانگ ڪانگ اوپن کان اڳ پير ۾ تڪليف جو شڪار ٿي وئي هئي ۽ معائني کانپوءِ ڊاڪٽرن کيس مڪمل آرام جي صلاح ڏني آهي، جنهن سبب هن ڪريملن ڪپ ۾ شرڪت نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪوهلي جي نه هجڻ سان ڀارتي ٽيم تي فرق ضرور پوندو: سرفراز احمد

دبئي (اسپورٽس نيوز) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان سرفراز احمد چيو آهي ته ورات ڪوهلي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے