23 سومر , آڪٽوبر 2017

اشيش نهرا هر قسم جي ڪرڪيٽ تان موڪلاڻي ڪري ڇڏي

نئين دهلي (اسپورٽس نيوز) ڀارتي فاسٽ بالر اشيش نهرا هر قسم جي ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي ۽ پهرين نومبر تي نيوزيلينڊ خلاف ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنل سندس ڪيريئر جي آخري ميچ هوندي. ان ڏس ۾ سندس چوڻ هو ته هر رانديگر کي هڪ ڏينهن راند جو ميدان ڇڏڻو پوندو آهي، رٽائرمينٽ جو فيصلو سوچي سمجهي ڪيو آهي ۽ ان مان مطمئن به آهيان. هن چيو ته مان وڌيڪ ٻن کان ٽن سالن تائين ڪرڪيٽ کيڏي پئي سگهيس پر 38 ۽ 39 ورهين جي عمر ۾ فاسٽ بالر لاءِ فٽنيس برقرار رکڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي. اشيش نهرا چيو ته مان گذريل ٻن کان ٽن ورهين جي عرصي دوران ٽي ٽوئنٽي ۾ پليئنگ اليون جو حصو رهيس پر هاڻ محسوس ٿي رهيو آهي ته ڀونيشور ڪمار مڪمل طور بالنگ اٽيڪ جي ذميواري سنڀالڻ لاءِ تيار آهي، جڏهن ته محمد شامي ۽ جسپريت بمرا به بهترين بالنگ ڪرائي رهيا آهن، ان سان گڏوگڏ ڪو وڏو ايونٽ به ويجهو ناهي. هن چيو ته مان پنهنجي خيال بابت ڪپتان ۽ ڪوچ سميت ڊريسنگ روم ۾ سڀني کي آگاهه ڪيو، سڀني منهنجي فيصلي کي قبول ڪيو، مون لاءِ ان کان وڌيڪ سٺي ٻي ڪهڙي ڳالهه هوندي جو پنهنجي هوم گرائونڊ تي ڪيريئر جي پڄاڻي ڪيان، جتي 20 سال اڳ رانجي ٽرافي جي پهرين ميچ کيڏي هئي. سندس چوڻ هو ته رٽائرمينٽ کانپوءِ ڪوچنگ منهنجي ترجيح هوندي ته جيئن نوجوان رانديگرن کي پنهنجي تجربي بابت آگاهه ڪري سگهان. واضح رهي ته اشيش نهرا 18 ورهين جي ڪيريئر دوران 17 ٽيسٽ، 120 ون ڊي ۽ 26 ٽي ٽوئنٽي ميچن ۾ ڀارت جي نمائندگي ڪري چڪو آهي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

ايليڪس جي بهترين بيٽنگ، ڪينگروز جي پهرين ون ڊي ۾ انگلينڊ کي شڪست

برسبين (اسپورٽس نيوز) آسٽريلين وومين ڪرڪيٽ ٽيم ايشز سيريز جي پهرين ون ڊي ميچ ۾ …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي