23 سومر , آڪٽوبر 2017

ڪامران اڪمل جي گهر ٻي ڌيءُ جو جنم

لاهور (اسپورٽس نيوز) قومي ڪرڪيٽر ڪامران اڪمل جي گهر ٻي ڌيءُ جي پيدائش ٿي آهي،  جيڪا خوشخبري هن سماجي رابطن جي ويب سائيٽ تي مداحن کي ڏني آهي. وڪيٽ ڪيپر بيٽسمين ڪامران اڪمل جي گهرواري ٻه ڏينهن اڳ لاهور مقامي اسپتال ۾ ڌيءُ کي جنم ڏنو. ڪامران اڪمل ٻي ڌيءُ جي پيدائش تي ڏاڍو خوش آهي ۽ هن اهڙي خوشخبري پنهنجي مداحن کي ٻڌائيندي سوشل ميڊيا تي سندس تصوير به جاري ڪئي آهي. تصوير سان گڏ ڪامران اڪمل لکيو آهي ته ”الحمد الله مان هڪ ڀيرو ٻيهر ڌيءُ جو پيءُ بڻجي ويو آهيان، الله مون لاءِ پنهنجي رحمت جا دَر هڪ ڀيرو ٻيهر کولي ڇڏيا آهن، مان ڏاڍو خوش آهيان“. واضح رهي ته ڪامران اڪمل کي لائبا نالي هڪ ڌيءُ آهي، جڏهن ته هو هڪ پٽ ايان جو پيءُ پڻ آهي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

ايليڪس جي بهترين بيٽنگ، ڪينگروز جي پهرين ون ڊي ۾ انگلينڊ کي شڪست

برسبين (اسپورٽس نيوز) آسٽريلين وومين ڪرڪيٽ ٽيم ايشز سيريز جي پهرين ون ڊي ميچ ۾ …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي