23 سومر , آڪٽوبر 2017

”منهنجي گهر جهڙو گهر ڇو ٺاهيئي“: ڪئنيڊا ۾ همراهه پاڙيسري تي ڪيس ڪري ڇڏيو

اوٽاوا (ويب ڊيسڪ): ڪئنيڊا ۾ لکين ڊالر جي گهر جي مالڪ پنهنجي گهر جهڙو گهر سينگارڻ ۽ بڻائڻ تي پڙوسي عورت تي ڪيس ڪري ڇڏيو، ڪئنيڊا جي شهري جوڊي چيپنگ پڙوسي عورت باربرا اين تي سندس گهر وانگر پنهنجي گهر جي سنوار سينگار ڪرائڻ تي 20 هزار ڊالر هرجاڻي جو نوٽيس اماڻي ڇڏيو، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته اها فوري طور تي گهر جو ڊيزائن تبديل ڪري، جوڊي چيپنگ ٽورنٽو جي ڪاروباري ڪمپني جو سي اي او آهي، جيڪو جابلو علائقي ۾ قديم طرز جي گهر ۾ رهندو آهي ۽ ان جو گهر شاهڪار تعميري فن سبب علائقي ۾ تمام گهڻو پسند ڪيو ويندو آهي،

جوڊي جو چوڻ آهي ته ان جي پاڙيسري باربرا ان جي گهر جو ڊيزائن چوري ڪري نه رڳو ان جي گهر جي مقبوليت کي نقصان پهچايو آهي پر پنهنجي نئين گهر جي اهميت وڌائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، جوڊي پڙوسڻ کي 20 هزار ڊالر جي هرجاڻي جو نوٽيس به اماڻي ڇڏيو آهي ۽ مطالبو ڪيو آهي ته اها فوري طور تي پنهنجي گهر جو ڊيزائن تبديل ڪري، ٻئي طرف باربرا عدالت کي پنهنجي ۽ جوڊي جي گهر جون تصويرون فراهم ڪيون ۽ چيو ته هن ڪو غلط ڪم ناهي ڪيو، ڇو ته ٻنهي گهرن ۾ هڪ جهڙائي ٿي سگهي ٿي پر هن گهر جو ڊيزائن ناهي چورايو،

باربرا پنهنجي جواب ۾ چيو ته ٻنهي گهرن جون چمنيون، دروازا، دريون ۽ ڀتين ۾ استعمال ٿيندڙ پٿر ظاهري طور هڪ جهڙا نظر اچن ٿا پر ٻنهي گهرن جي ڊيزائن ۾ فرق آهي، ٻنهي ڌرين ملي ويهي معاملي کي حل ڪرڻ تي رضامندي ظاهر ڪئي آهي پر جوڊي ان ڳالهه تي اڙيل آهي ته پڙوسڻ کي پنهنجي گهر جي ڊيزائن تي نظرثاني ڪرڻي پوندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

شيعا مليشيا نه هجي ها ته بغداد ۽ دمشق تي داعش جو قبضو هجي ها: ايران

تهران( ويب ڊيسڪ ) ايراني پرڏيهي وزير جواد ظريف چيو آهي ته جيڪڏهن ايراني ۽ …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي