20 خميس , سيپٽمبر 2018

جرمن حڪومت پاسپورٽ ڪنٽرول ۾ واڌ ڪري ڇڏي

برلن (ويب ڊيسڪ): جرمن گادي واري هنڌ برلن مان جاري هڪ اعلان موجب جرمني پنهنجي سرحدن تي پاسپورٽ ڪنٽرول جي مدي ۾ وڌيڪ ڇهه مهينن جي واڌ ڪري ڇڏي آهي، پهرين کان لاڳو پاسپورٽ ڪنٽرول جو مدو نومبر جي آخر ۾ ختم ٿي رهيو آهي، هي پڌرائي جرمن گهرو وزير ٿوماس ڊي ميزيئر طرفان جاري ڪئي وئي آهي، ان ۾ چيو ويو آهي ته لاڳاپيل عملدار سرحدن کانسواءِ يونان سان جرمني پهچندڙ اڏامن جي نگراني جو عمل معمول موجب ايندڙ ڇهه مهينن تائين جاري رکندا، ڊي ميزيئر جو چوڻ آهي ته پاسپورٽ ڪنٽرول جي ضرورت غير قانوني مهاجرن جي جرمني ۾ داخل ٿيڻ جي تناظر ۾ آهي، جرمن حڪومت پاسپورٽ ڪنٽرول ٻه سال اڳ متعارف ڪرايو هيو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڀارت ۾ پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ واڌ

 نئين دهلي(ويب ڊيسڪ) ڀارت ۾ پيٽرول ۽ ڊيزل جي اگهن ۾ ڇهين ڏينهن به اضافو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے