23 سومر , آڪٽوبر 2017

پاڪستان جي سرحدن ۾ گڏيل آپريشن جي ڪا به گنجائش ناهي، ڳجهن اطلاعن تي لاڳاپا بهتر ٿي سگهن ٿا: ميجر جنرل آصف غفور

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) آءِ پي ايس آر سربراهه ميجر جنرل آصف غفور چيو آهي ته طالبان 2012ع ۾ ڪينيڊين صحافي ۽ سندس گهرواري کي افغانستان مان اغوا ڪيو هو، ان دوران اهي افغانستان ۾ ئي رهيا، جڏهن ته گذريل شام 4 وڳي آمريڪي اختيارين طرفان اسان کي ٻڌايو ويو ته طالبان کين پاڪستان منتقل ڪري رهيا آهن، شام 7 وڳي پاڪ فوج جي جوانن جديد ٽيڪنالاجي ۽ ٻين ذريعن سان گاڏي کي ٽريس ڪيو ۽ گاڏي ۾ موجود مغوين کي آزاد ڪرايو، پاڪستان جي سرحدن ۾ گڏيل آپريشن جي ڪا به گنجائش ناهي پر آمريڪي اختيارين طرفان وقت سر ڳجهي اطلاع تي ٻنهي ملڪن وچ ۾ لاڳاپا بهتر ٿي سگهن ٿا. خانگي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي ميجر جنرل آصف غفور چيو ته اسان جي فوج ۾ سڀ صلاحيتون موجود آهن، دنيا جي سڀني ملڪن دهشتگردي اڳيان گوڏا کوڙي ڇڏيا پر پاڪستان پنهنجي حصي جو ڪم مڪمل ڪندي ملڪ کي محفوظ بڻائي ڇڏيو آهي، اسان کي جيڪو ڪرڻو هو ڪري ڇڏيو، هاڻ دنيا کي ڊو مور ڪرڻو آهي. سندس چوڻ هو ته پاڪ فوج ڪينيڊين شهري، سندس آمريڪي گهرواري ۽ ٻارن کي ڪامياب آپريشن کانپوءِ آزاد ڪرايو آهي، جنهن جو آمريڪين به اعتراف ڪيو آهي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪرپشن ڪيس: اڳوڻو وزير شرجيل ميمڻ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي اڱڻ مان گرفتار

ڪراچي (ويب ڊيسڪ): سنڌ هاءِ ڪورٽ طرفان سڌ سماءَ واري اڳوڻي وزير شرجيل ميمڻ جي …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي