24 ہفتہ , فروری 2018

آرمي چيف سان آمريڪي وفد جي ملاقات، دهشتگردي خلاف جنگ ۾ قربانين جي واکاڻ

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ): آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه سان پاڪستان جي دوري تي موجود آمريڪي وفد ملاقات ڪئي آهي، جنهن دوران آمريڪي وفد دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪ فوج جي قربانين کي ساراهيو آهي، آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه سان آمريڪي وفد ملاقات ڪئي، آمريڪي وفد ۾ نائب پرڏيهي وزير ليزا ڪراٽس، ايلس ويلز ۽ آمريڪي سفير ڊيوڊ هيل شامل هئا، ان موقعي تي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان ڏکيائين باوجود تمام گهڻو ڪم ڪيو، هاڻي به پاڪستان خطي ۾ امن لاءِ پرعزم آهي، جنرل قمر جاويد باجوه خطي ۾ امن ۽ استحڪام بابت پاڪستان جي خدشن کان آگاهه ڪيو، آمريڪي وفد دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪ فوج جي قربانين کي ساراهيو، آءِ ايس پي آر موجب آمريڪي وفد آرمي چيف سان ملاقات دوران ڏکڻ ايشيا بابت نئين آمريڪي حڪمت عملي کان آگاهه ڪيو، جڏهن ته ملاقات ۾ افغانستان سميت علائقائي سلامتي جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪراچي ڪنگز جي پي ايس ايل ٿري ۾ فتح سان انٽري

دبئي (اسپورٽس نيوز) ڪراچي ڪنگز جي ٽيم ڪوئيٽا گليڊيئيٽرز کي 20 رنسن تان شڪست ڏئي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے