19 اڱارو , جون 2018

نااهل ٿيڻ کانپوءِ به ڪرپٽ مافيا جو پيڇو نه ڇڏيندس: عمران خان

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان چيو آهي ته حڪمران مون کي اليڪشن ڪميشن ۽ سپريم ڪورٽ مان نااهل ڪرائڻ چاهين ٿا، مون کي نااهل ڪيو ويو ته انهن وانگر ڇو ڪَڍيوَ جو پٽڪو نه ڪندس پر پارٽي سربراهي ۽ سياست ئي ڇڏي ڏيندس، ان باوجود ڪرپٽ مافيا جو پيڇو ڪنهن به صورت ۾ نه ڇڏيندس. خانگي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي عمران خان چيو ته اليڪشن ڪميشن کي ڪنهن جا به گرفتاري وارنٽ جاري ڪرڻ جو حق ناهي، اليڪشن ڪميشن رڳو شفاف چونڊن لاءِ هوندي آهي. سندس چوڻ هو ته آصف زرداري ۽ نواز شريف ٻنهي ڪرپشن جا بادشاهه آهن، اهي پنهنجي اقتدار لاءِ مون کي سپريم ڪورٽ ۽ اليڪشن ڪميشن مان نااهل ڪرائڻ چاهين ٿا، حڪومت مون کي گرفتار ڪرائڻ چاهي ٿي ته پنهنجو اهو شوق به پورو ڪري، مان نااهل ٿيڻ کانپوءِ انهن جو پيڇو نه ڇڏيندس.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

اليڪشن 2018: مريم نواز ۽ قائم علي شاهه سميت ٻين جا نامزدگي وارا ڪاغذ منظور

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) جولاءِ ۾ ٿيندڙ عام چونڊن جي لاءِ سڄي ملڪ ۾ اميدوارن جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے