23 سومر , آڪٽوبر 2017

پاڪستان دهشتگردي خلاف آمريڪا جي ڀيٽ ۾ اهم ڪاميابيون ماڻيون: احسن اقبال

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) وفاقي گهرو وزير احسن اقبال چيو آهي ته پاڪستان آمريڪا جي ڀيٽ ۾ انتهائي محدود وسيلن باوجود دهشتگردي خلاف اهم ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن، جڏهن ته آمريڪا ٽريلين ڊالر خرچ ڪرڻ باوجود منزل ناهي ماڻي سگهيو. پرڏيهي خابرو اداري سان ڳالهائيندي احسن اقبال چيو ته آمريڪا طرفان افغانستان ۾ خرچ ڪيل ٽريلين ڊالرن جي ڀيٽ ۾ اسان محدود وسيلن باوجود گذريل چئن ورهين دوران جيڪي ڪاميابيون حاصل ڪيون، انهن جي ڀيٽ نٿي ڪري سگهجي، آمريڪا ٽريلين ڊالر خرچ ڪرڻ باوجود پنهنجي منزل حاصل ناهي ڪري سگهيو. هن چيو ته پاڪستان جيڪو ڪجهه ڪري رهيو آهي، اهو ڪنهن کي خوش ڪرڻ لاءِ ناهي ڪري رهيو پر اهي سڀ قدم ان لاءِ کڻي رهيو آهي ته اسان جو يقين قائداعظم جي نظريي تي آهي، اسان پرامن پاڪستان چاهيون ٿا ته جيئن اقتصادي قوت بڻجون، پاڪستان ايشين ٽائيگر بڻجي، جنهن لاءِ امن اڻٽر آهي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪرپشن جا ڪيس هاڻي رڳو فائلن ۽ الماڙين ۾ بند نه رهندا: نيب چيئرمين

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نيب چيئرمين جاويد اقبال چيو آهي ته نيب ۾ ميگا ڪرپشن …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي