12 اڱارو , ڊسمبر 2017

حڪمران ۽ عمران خان ادارن کي نشانو بڻائي رهيا آهن: مولا بخش چانڊيو

حيدرآباد (ويب ڊيسڪ) پ پ اڳواڻ مولا بخش چانڊيي چيو آهي ته عمران خان ٻڌائي ته سندس پيءُ کي نوڪري مان ڇو ڪڍيو ويو؟ کيس ڪرپشن جي ڪري ڪڍيو ويو هو. قاسم ۾ ڳالهائيندي مولا بخش چانڊيي چيو ته آصف علي زرداري خيبر پختونخواهه جي روايتي پڳ پاتي پر عمران خان سنڌ ۾ اچي سنڌي ٽوپي کي ٿڏي ڇڏيو، اسان کي عمران خان جي سنڌ ۾ اچڻ تي ڪا ڳڻتي ناهي، کيس اسان جا ڪارڪن شڪست ڏيندا. هن چيو ته عمران خان اڄ به آڱر جي اشاري تي هلي رهيو آهي، نواز شريف عدالتن جون ڳالهيون ڪندو هو، فيصلو خلاف آيس ته سامهون اچي ويو، اسان ڪيس ختم ڪرڻ لاءِ ايلاز نه ڪيا پر عدالتن عزت سان بري ڪيو. سندس چوڻ هو ته حڪمران ۽ عمران خان ادارن کي نشانو بڻائي رهيا آهن، بلاول ڀٽو زرداري جي تربيت تي فخر آهي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

حڪومت پارليامينٽ ۾ رڳو ڏينهن پورا ڪري رهي آهي: خورشيد شاهه

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ سيد خورشيد شاهه چيو آهي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے