11 پیر , دسمبر 2017

سينئر آمريڪي عهديدارن جو پاڪستاني دورو، رابطا جاري رکڻ تي اتفاق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): پرڏيهي وزارت کان جاري ڪيل بيان موجب وفدن جي سطح تي ٿيل ڳالهين ۾ افغانستان ۽ ڏکڻ ايشيا بابت آمريڪي پاليسي جي تناظر ۾ لاڳاپن جو جائزو ورتو ويو ۽ گڏيل دلچسپي جي سمورن معاملن تي ڳالهه ٻولهه جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو ويو، سينئر آمريڪي عهديدارن تي ٻڌل هڪ وفد پاڪستان جو دورو ڪيو، جنهن ۾ ٻه طرفن لاڳاپن، خاص طور تي تازو ئي صدر ڊونلڊ ٽرمپ طرفان خطي ۽ ڏکڻ ايشيا بابت پاليسي جي اعلان کانپوءِ واري صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي، پاڪستاني پرڏيهي وزارت مان جاري ڪيل بيان موجب صدر ٽرمپ جي نائب معاون ۽ آمريڪا جي نيشنل سڪيورٽي ڪائونسل ۾ ڏکڻ ايشيا بابت سينئر ڊائريڪٽر ليزا ڪرٽس جي قيادت ۾ آمريڪي وفد پاڪستان جي پرڏيهي سيڪريٽري تهمينه جنجوعه سان ملاقات ڪئي، آمريڪي وفد ۾ ڏکڻ ۽ وچ ايشيا لاءِ قائم مقام نائب پرڏيهي وزير ايلس ويلز کانسواءِ دفاع ۽ پرڏيهي کاتي جا سينئر عهديدار به شامل هيا، پرڏيهي وزارت مان جاري ڪيل بيان موجب، وفدن جي سطح تي ٿيل ڳالهين ۾ افغانستان ۽ ڏکڻ ايشيا بابت آمريڪي پاليسي جي تناظر ۾ لاڳاپن جو جائزو ورتو ويو ۽ گڏيل دلچسپي جي سمورن معاملن تي ڳالهه ٻولهه جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو ويو، بيان موجب پاڪستان طرفان هڪ ڀيرو ٻيهر افغانين جي قيادت هيٺ سياسي ڳالهين ذريعي مسئلي حل ڪرڻ جي موقف کي ورجايو ويو، تهمينه جنجوعه چيو ته افغانستان ۾ امن جي قيام لاءِ ڪيل سمورين ڪوششن ۾ پاڪستان تعميري ڪردار ادا ڪندو رهندو، پاڪستان جي پرڏيهي سيڪريٽري پنهنجي ڪابل جي تازي دوري کانسواءِ پاڪستاني سرزمين کان دهشتگردن جي خاتمي جي ڪوششن جي باري ۾ به آمريڪي وفد کي آگاهه ڪيو، ٻنهي ملڪن سمورين سطحن تي رابطا جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو، تهمينه جنجوعه جي قيادت۾ پاڪستاني وفد سان ڳالهين بعد آمريڪي عهديدارن پرڏيهي وزير خواجا آصف سان به ملاقات ڪئي، آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ طرفان افغانستان ۽ خطي بابت پاليسي جي اعلان جي موقعي تي پاڪستان تي به اهو الزام لڳايو ويو ته اهو دهشتگردن کي پناهه ڏيندو  آيو آهي، پاڪستان ان دعويٰ کي سختي سان رد ڪندي چيو هيو ته عسڪريت پسندن خلاف بنا فرق ڪارروايون ڪيون پيون وڃن، نئين آمريڪي پاليسي جي  اعلان بعد ٻه طرفا لاڳاپن ۾ ڏار ڏٺي وئي هئي ۽ انهن حالتن ايلس ويلز جو پاڪستان جو دورو به ملتوي ڪيو ويو هيو، جڏهن ته گذريل مهيني گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس جي موقعي تي پاڪستان جي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ۽ آمريڪا جي نائب صدر مائيڪ پينس وچ ۾ ملاقات بعد ٻه طرفا رابطن ۾ تيزي آئي، گذريل مهيني جي آخر ۾ پاڪستان جي پرڏيهي وزير خواجا آصف آمريڪا جو دورو ڪيو هيو، جڏهن ته هن ئي هفتي پاڪستان جو گهرو وزير احسن اقبال به آمريڪا پهتو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

مسلم ليگ ن 30 مارچ کان اڳ اقتدار کان ٻاهر هوندي: شيخ رشيد

لاهور( ويب ڊيسڪ ) عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد احمد چيو آهي ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے