21 ڇنڇر , آڪٽوبر 2017

عوامي آوز رپورٽ| سنڌ سرڪار تعليم واري کاتي ۾ بهتري جون وڏيون ڊاڙون ته هڻندي آهي پر حقيقت ۾ صورتحال بلڪل ان جي ابتڙ آهي

اهڙو ئي حال جروار جي هڪ اسڪول جو به آهي، جيڪو سهولتن جي اڻهوند سبب مسئلن جي ور چڙهي ويو آهي،

فيض گبول جي رپورٽ……………..

سنڌ جي ٻين شهرن جيان جروار جي ڳوٺ غلام حسين مينگراھه جو پرائمري اسڪول به سهولتن جي اڻهوند سبب مسئلن جي ور چڙهي ويو آهي، جنهن سبب  درس ۽ تدريس جو عمل سخت متاثر ٿي رهيو آهي……….

ايس بي ٽي

اسڪول جي عمارت زبون حال هئڻ سبب ٻارڙا نٽهڻ اس ۾ وڻن هيٺان علم پرائڻ تي مجبور آهن

شاگردن ۽ ڳوٺاڻن عوامي آواز ٽي وي سان ڳالهائيندي چيو ته اسڪول ۾ سهولتن جي اڻهوند سبب سندن ٻارڙن جو مستقل داءُ تي لڳي ويوآهي، ڪافي ڀيرا شڪياتون ڪيون آهن، پر انتظاميا دانهن ورنائڻ لاءِ تيار ناهي…………..

سنڌ سرڪار کي گهرجي ته اعلان ۽ ڊاڙ هڻڻ کان پاسيرو ٿي تعليم جي بهتري لاءِ عملي ڪم ڪري ڏيکاري جيئن سنڌ ۾ تعليم جو معيار بهتر بڻائي شاگردن کي معياري مستقبل ڏئي سگهجي

هي به ڏسي سگهو ٿا

عوامي آواز رپورٽ: لاڙڪاڻو:سٽي اسڪول لاڙڪاڻي پاران تعليم جو معيار بهتر ۽ بين الاقوامي بنائڻ لاءِ استادن جي تعليم ۽ تربيت جو سلسلو جاري آهي

سٽي اسڪول لاڙڪاڻي پاران تعليم جو معيار بهتر ۽ بين الاقوامي بنائڻ لاءِ استادن جي …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي