23 سومر , آڪٽوبر 2017

ڌاٻيجي: پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ خلاف علامتي بک هڙتال

عوامي آواز ( ويب ڊيسڪ ) ڌاٻيجي ۾ شهرين پاران پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري علامتي بک هڙتال ڪئي. بک هڙتال ڪمپ تي ويٺل اڳواڻن يونين ڪائونسل جي ميمبر قاري فيض محمد ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته شهر جي بلال نگر، ماڊل ثائون ۽ شيخ عبدالمجيد سنڌي ڪالوني سميت مختلف علائقن ۾ پيئڻ جي پاڻي جي قلت پيدا ٿي وئي آهي. هنن چيو انتظاميا جي بي ڌياني سبب گذريل 11 مهينن کان پيئڻ جي پاڻي فراهمي نه ٿين سبب عوام سخت مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيو آهي. سندن چوڻ هو ته ٽائون انتظاميا رهائشي علائقن ۾ پاڻي سپلاءِ ڪرڻ بدران رشوت عيوض ڪُڪُڙين جي فارمن ۽ هوٽل وارن کي پاڻي فراهم ڪري رهيا آهن. هنن وڌيڪ چيو ته گهرن ۾ پاڻي فراهم نه ٿيڻ سبب غريب عوام ٽينڪر مافيا کان مهانگي اگهه پاڻي خريد ڪري واپرائڻ تي مجبور آهي. احتجاج ڪندڙ مڪاني کاتي جي انتظاميا کان گهر ڪئي ته ٽائون چيئرمين خلاف نوٽيس وٺي کين پيئڻ جي پاڻي جي سهولت فراهم ڪئي وڃي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي ۾ پوليس مقابلي کي ڪوڙو قرار ڏئي ڇڏيو

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ شهر ۾ هڪ پوليس مقابلي کي شڪي قرار ڏيندي جوابدارن …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي