23 سومر , آڪٽوبر 2017

مريم نواز جي احتساب عدالت ۾ پيشي، سڪيورٽي انتظام مڪمل

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): پاڪستان مسلم ليگ جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي ڌيءَ مريم نواز جي احتساب عدالت ۾ پيشي جي حوالي سان سڪيورٽي جا سمورا انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن، جڏهن ته مريم نواز لاهور کان اسلام آباد پهچي چڪي آهي، نجي ٽي وي پنهنجي ذريعن جي حوالي سان ٻڌايو ته احتساب عدالت ۾ مريم نواز جي پيشي جي موقعي تي عدالت جي چوڌاري پوليس ۽ ايف سي جا 750 اهلڪار مقرر ٿيندا، جڏهن ته عدالت جي چوڌاري رستا بند ڪيا ويا آهن، عدالت ۾ ايندڙ ۽ ويندڙن جي لاءِ هڪ رستو مخصوص ڪيو ويو آهي، رپورٽن موجب ڪارڪنن کي احتساب عدالت تائين وڃڻ جي اجازت نه هوندي، جڏهن ته ميڊيا ۽ وڪيلن جي نمائندن کي مخصوص پاسز سان احتساب عدالت ۾ وڃڻ جي اجازت هوندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪرپشن ڪيس: اڳوڻو وزير شرجيل ميمڻ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي اڱڻ مان گرفتار

ڪراچي (ويب ڊيسڪ): سنڌ هاءِ ڪورٽ طرفان سڌ سماءَ واري اڳوڻي وزير شرجيل ميمڻ جي …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي