21 جمعو , سيپٽمبر 2018

بخشاپور: هٿياربندن ڌنار کي اغوا بعد 16 مينهون ڪاهي فرار

عوامي آواز (ويب ڊيسڪ) بخشاپور ڀرسان هٿياربندن خالطي برادري جي گهرن تي حملو ڪري نوجوان کي اغوا بعد 16 مينهون ڪاهي فرار ٿي ويا. ڳوٺ امتياز ڊومڪي ۾ مزاري برادري جي ماڻهن خالطي برادري جي ڌڻار جمعون خالطي کي اغوا ڪري ويا. متاثر ڌر جي ماڻهن احتجاج ڪندي چيو ته بااثرن بنا سبب سندن نوجوان کي اغوا ڪري مينهون ڪاهي ويا آهن. سندن چوڻ هو ته نوجوان کي اغوا جو اطلاع پوليس کي ڏنو جنهن ڪارروائي ڪرڻ بدران کين ٿاڻي تان ڌڪاري ڇڏيو. هنن اعليٰ اختيارين کان گهر ڪئي آهي ته بااثرن ۽ پوليس جي ڏاڍين خلاف نوٽيس وٺي نوجوان کي بازياب ڪرائي کين انصاف فراهم ڪيو وڃي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Muharram-ul-Haram Jalos, mobile services closed in different cities

محرم الحرام جا جلوس، مختلف شهرن ۾ موبائل سروس بند

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) ملڪ ۾  8 محرم الحرام جا جلوس، مختلف شهرن ۾ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے