23 سومر , آڪٽوبر 2017

پاڪستان پيپلز پارٽي ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار کان استعيفيٰ گهري ورتي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): پاڪستان پيپلز پارٽي ملڪ ۾ معاشي ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ سان گڏ وفاقي ناڻي واري وزير اسحاق ڊار کان استعيفيٰ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي، انهن جو موقف آهي ته اسحاق ڊار تي فرد جرم لاڳو ٿيڻ ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته ان خلاف ادارن وٽ واضح ثبوت آهن، اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي پاڪستان پيپلز پارٽي جي ڳاواڻن گڏيل پريس ڪانفرنس ڪئي، جنهن ۾ سينيٽر سليم مانڊوي والا جو چوڻ هيو ته اسحاق ڊار جو عهدي تي ويهڻ جو مقصد ملڪي معيشت کي بچائڻ ناهي پر ان جو  مقصد پنهنجي ذات ۽ نواز شريف کي بچائڻ آهي، اسحاق ڊار ناڻي وارو وزير رهڻ جي پوزيشن ۾ ناهي رهيو، قطر ايل اين جي معاهدي جي حوالي سان سليم مانڊوي والا جو چوڻ هيو ته ايل اين جي معاهدي ۾ وڏي پيماني تي ڀڃڪڙيون ڪيون ويون، حڪومت رولز جي ابتڙ نجي ڪمپني کان 15 سالن لاءِ معاهدو ڪيئن طئي ڪيو؟، ان موقعي تي فرحت الله بابر جو چوڻ هيو ته ملڪ معاشي طور تي مفلوج يڻ پيو وڃي، اها خطرناڪ ڳالهه آهي، ناڻي واري وزير تي فرد جرم لاڳو ٿي چڪي آهي، پوءِ به اهو پنهنجي عهدي تي موجود آهي، اسحاق ڊار خلاف گواهن جو تعلق ناڻي وزارت سان آهي، جنهن مان صاف ظاهر ٿي رهيو آهي ته اهو گواهن تي اثرانداز ٿي رهيو آهي، سينئر اڳواڻ نيئر بخاري جو ان موقعي تي چوڻ هيو ته شفاف ٽرائل جي لاءِ ضروري آهي ته ناڻي وزير اسحاق ڊار فوري طور استعيفيٰ ڏئي، ان خلاف ٺوس ثبوت آهن، جن جي بنياد تي ان مٿان فرد جرم لاڳو ڪئي وئي آهي، جيڪڏهن ثبوت نه هجن ها ته اسحاق ڊار تي فرد جرم لاڳو نه ڪئي وڃي ها، سندس وڌيڪ چوڻ هيو ته اسان چاهيون ٿا ته چونڊون مقرر وقت تي ٿين، حڪومت کي پنهنجو مدو پورو ڪرڻ گهرجي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪرپشن ڪيس: اڳوڻو وزير شرجيل ميمڻ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي اڱڻ مان گرفتار

ڪراچي (ويب ڊيسڪ): سنڌ هاءِ ڪورٽ طرفان سڌ سماءَ واري اڳوڻي وزير شرجيل ميمڻ جي …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي