24 ہفتہ , فروری 2018

ڪيپٽن صفدر کان قومي اسيمبلي ۾ ڏنل بيان تي وضاحت گهرندس: شاهد خاقان عباسي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته هو ڪيپٽن صفدر طرفان قومي اسيمبلي ۾ ڏنل بيان تي ان کان وضاحت طلب ڪندو، نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو ته ڪيپٽن (ر) صفدر کان پڇندس ته هن قومي اسيمبليءَ ۾ اهڙو بيان ڪنهن جي اجازت سان ڏنو آهي، نواز شريف جو نياڻو هيڻ سبب ڪيپٽن صفدر تي وڌيڪ ذميداري لاڳو ٿئي ٿي، سندس چوڻ هو ته ناڻي وزير اسحاق ڊار نيب ڪيسز باوجود استعيفيٰ نه ڏئي رهيو آهي، نيب ڪيسز سبب ان جي ڪارڪردگي تي ڪو فرق نه پوندو، واضح رهي ته ڪيپٽن صفدر چيو هيو ته حشر ڏهاڙي ڪهڙو جواب ڏينداسين، اڄ فيصلو ڪري وٺون ته اسان نبي پاڪ صلي الله عليه وسلم جي دشمنن کي اهم عهدن تي نٿا ڏسڻ چاهيون، سمورن مڪتبه فڪر جو ان تي اتفاق آهي، ذوالفقار علي ڀٽو کي ان لاءِ شهيد چوندو آهيان ان ختم نبوت صلي الله عليه وسلم جو تحفظ ڪيو، جسٽس منير مولوي تميز الدين خلاف فيصلو ڏئي ملڪ کي ٻه ٽڪڙا ڪيو، ايوب خان کان پرويز مشرف تائين هڪ ئي سفر آهي، 22 ڪروڙ عوام طرفان درخواست ڪريان ٿو ته عدليه ۽ فوج ۾ عقيدت ختم نبوت صلي الله عليه وسلم جو سرٽيفڪيٽ ورتو وڃي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪراچي ڪنگز جي پي ايس ايل ٿري ۾ فتح سان انٽري

دبئي (اسپورٽس نيوز) ڪراچي ڪنگز جي ٽيم ڪوئيٽا گليڊيئيٽرز کي 20 رنسن تان شڪست ڏئي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے