23 سومر , آڪٽوبر 2017

ڪراچي ۾ 16 رڪني گروپ جو منشيات ۽ فحاشي جي مڪروهه ڌنڌي جو انڪشاف

ڪراچي (ويب ڊيسڪ): ڪراچي جي علائقي گلستان جوهر جي بلاڪ 17 ۾ 16 رڪني گروهه جو انڪشاف ٿيو آهي، جيڪو نوجوان ڇوڪرن، ڇوڪرين کي منشيات فروشي ۽ فحاشي جي مڪروهه ڌنڌي ۾ شامل ڪري رهيو آهي، نجي ٽي وي موجب 16 رڪني گروپ ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ رهائشي پراجيڪٽ جي فليٽ ۾ ڪرائي تي وٺي چڪا آهن، جن ۾ اهي نوجوان ڇوڪرن، ڇوڪرين ۾ دوستيون ڪرائي فحاشي ڪرڻ جون سهولتون فراهم ڪنديون آهن، جڏهن ته ڳجهن ڪيمرائن سان انهن جي رڪارڊنگ ڪرڻ بعد انهن کي بليڪ ميل ڪري منشيات فروشي جي ڌنڌي ۾ شامل ڪيو ويندو آهي، رپورٽن موجب منشيات ڪرسٽل ۽ آئس جي شڪل ۾ وڪرو ٿي رهي آهي، رپورٽن موجب مڪروهه ڌنڌي ۾ شامل اهو گروهه هيل تائين ڪيترن نوجوانن جون زندگيون خراب ڪرڻ سان گڏوگڏ مالي طور تي به ڪيترائي فائدا وٺي وٺي چڪو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪرپشن ڪيس: اڳوڻو وزير شرجيل ميمڻ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي اڱڻ مان گرفتار

ڪراچي (ويب ڊيسڪ): سنڌ هاءِ ڪورٽ طرفان سڌ سماءَ واري اڳوڻي وزير شرجيل ميمڻ جي …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي