23 جمعہ , فروری 2018

ويٽنام ۾ لينڊ سلائيڊنگ ۽ ٻوڏ سبب فوتين جو انگ 46 ٿي ويو، ڪيترائي گم

هنوئي (ويب ڊيسڪ): ويٽنامي عملدارن موجب ملڪ جي اترين حصي جي مختلف علائقن ۾ ٿيل لينڊ سلائيڊنگ جي وڪڙ ۾ اچي گهٽ ۾ گهٽ 46 ماڻهو فوت ٿي ويا آهن، ان کانسواءِ 40 کان وڌيڪ ماڻهو گم آهن، لينڊ سلائيڊنگ سبب اتر ويٽنامي مٿانهين واري فضا جي دٻاءَ ۾ سخت گهٽتائي پيدا ٿي ۽ ان جي نتيجي ۾ تيز رفتار طوفاني وهڪرا هليا ۽ سخت برساتون پيون، ان ٽراپيڪل ڊپريشن سان ويٽنام جا سمورا ڇهه صوبا متاثر ٿيا آهن، سڀني کان وڌيڪ فوتگيون هو آبنه نالي صوبي ۾ ٿيون آهن، ان صوبي ۾ 11 ماڻهو فوت ۽ 21 گم آهن، ويٽنام ۾ قدرتي آفتن کي منهن ڏيندڙ اداي موجب هو آبنه ۾گم ۽ فوت ٿي ويل ماڻهو ستل هيا، جڏهن انهن تي مٽيءَ جون ڇپون ڪري پيون، امدادي ڪاررواين جو سلسلو شروع ڪيو ويو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

صحافيءَ ٻار کي جنم ڏيندي ريڊيو شو جي ميزباني ڪئي

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪا ۾هڪ ريڊيو پروگرام جي ميزبان پنهنجي شو دوران ٻار کي جنم …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے