12 اڱارو , ڊسمبر 2017

ن ليگ سدائين ملڪ کي ڪنگال ڪيو، معاشي ايمرجنسي لڳائي وڃي: آصف زرداري

پشاور (ويب ڊيسڪ) پ پ جي ڪو چيئرمين آصف علي زرداري ملڪ ۾ معاشي ايمرجنسي لڳائڻ جي ڳالهه ڪندي چيو آهي ته گذريل چئن ورهين دوران نواز شريف ڪجهه نه ڪيو، جڏهن به ن ليگ جي حڪومت آئي انهن ملڪ کي ڪنگال ڪيو، پ پ جڏهن به اقتدار ۾ آئي ماڻهن کي نوڪريون ڏنيون ويون، روزگار کسيو نه ويو، ٻيهر حڪومت جو موقعو مليو ته ماڻهن کي وري نوڪريون ڏينداسين. پشاور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي آصف زرداري چيو ته ڪپتان صاحب پنهنجي دنيا ۾ مست آهي، سندس نظر ۾ سڀ کان سٺو ماڻهو پرويز خٽڪ آهي، سنڌ هيل تائين 150 ميگا واٽ بجلي ڏئي چڪو آهي، ڪي پي اڃا هڪ ميگا واٽ به ناهي ڏني، اسان حڪومت ۾ آياسين ته ڪي پي ڪي جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين پهچنداسين، ماڻهن کي روزگار ملندو، گئس ۽ بجلي ملندي. سندس چوڻ هو ته اسان جي وزيراعظم کي گهر موڪليو ويو ته اسان ڪو جلوس نه ڪڍيو، مذهبي جماعتون ته اڳ ئي سياست ۾ آهن، پابندي پيل تنظيمون ڪيئن ٿيون جمهوري ٿي سگهن؟ هن چيو ته فاٽا جي معاملي تي سڀ کان اڳ بينظير ڀٽو سپريم ڪورٽ وئي هئيم بينظير ڀٽو چيو هو ته فاٽا کي قومي ڌارا ۾ آندو وڃي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

حڪومت پارليامينٽ ۾ رڳو ڏينهن پورا ڪري رهي آهي: خورشيد شاهه

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ سيد خورشيد شاهه چيو آهي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے