23 جمعہ , فروری 2018

ڪراچي: عورتن تي حملو ڪندڙ جوابدار پوليس لاءِ ڪمائي جو ذريعو بڻجي ويو

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) عورتن تي ڇرين سان وار ڪندڙ جوابدار پوليس لاءِ ڪمائي جو ذريعو بڻجي ويو. ڪراچي جي علائقي گلستان جوهر ۾ 25 سيپٽمبر کان شروع ٿيل وارداتن ۾ هن وقت تائين هڪ درزن کان وڌيڪ عورتون زخمي ٿي چڪيون آهن جنهن ۾ اڻڄاتل شخص تيز آلي سان زخمي ڪري رهيو آهي. پوليس جوابدار جي ڳولا لاءِ سمورا گهوڙا ڀڄايا پر جوابدار هٿ نه اچي سگهيو.  تنهن هوندي ساڳيو جوابدار پوليس لاءِ ڪمائي جو ذريعو بڻجي ويو آهي ۽ پوليس ان جوابدار جي آڙ ۾ بي گناهن کي گرفتار ڪري پيسا وٺي رهي آهي. جوڊيشل مجسٽريٽ سائوٿ اينٽي وائلٽ ڪرائم سيل ( اي وي سي سي) گارڊن ۾ ڇاپو هڻي 7 ماڻهن کي بازياب ڪرايو. جوڊيشل مجسٽريٽ کي هڪ شخص جمال شاهه درخواست ڏني هئي جنهن جي ٻن پٽن کي پوليس عورتن تي ڇرين وار ڪرڻ جي الزام ۾ ڪورنگي مان گرفتار ڪيو هو جڏهن ته ان شخص کي به پوليس ساڳي الزام ۾ حراست ۾ وٺي چڪي هئي ۽ ان کي 5 لک رپيا رشوت وٺي ڇڏيو هو. جمال شاهه جي درخواست تي جڏهن جوڊيشل مجسٽريٽ ڇاپو هنيو ته سيل مان 3  جي بدران 7 ڄڻن کي بازياب ڪرايو. واقعي کان پوءِ ڊي ايس پي ۽ 2 انسپيڪٽرن کي گرفتار ڪري ٿاڻي منتقل ڪيو ويو آهي ۽ انهن خلاف ڪيس به داخل ڪيو ويو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نااهلي ڪافي ناهي، ڦريل پيسا واپس آڻڻ ادارن جو وڏو امتحان آهي: ڊاڪٽر طاهر القادري

لاهور(ويب ڊيسڪ) پاڪستان عوامي تحريڪ جي سربراهه ڊاڪٽر طاهر القادري چيو آهي ته حڪمران پارٽي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے