23 سومر , آڪٽوبر 2017

بلوچستان مان 25 هزار ماڻهو گم ناهن، مشرف 4 هزار ماڻهو پرڏيهه حوالي ڪيا: ڪميشن جي رپورٽ

اسلام آباد  ( بيورو ) ايبٽ آباد ڪميشن جو به نتيجو نڪتو ۽ هاڻي نئب ڪيسن جو به نڪرندو اهڙن خيالن جو اظهار  نئب جي چيئرمين جسٽس رٽائرڊ جاويد اقبال پارليامينٽ هائوس ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته ڪنهن به ڪيس کي رولڙي جو شڪار بڻجڻ نه ڏينداسين. هن چيو ته گم ٿيل ماڻهن بابت ڪميشن ۾ تمام وڏي ڪوشش ڪئي وئي، جڏهن ته مان ڪميشن جي سربراهي نه ڇڏي رهيو آهيان، هن چيو ته گم ٿيل ماڻهن بابت ڪميشن جي رپورٽ آخري مرحلي ۾ آهي ۽ ان کي انجام تائين پهچايو ويندو، هن چيو ته مان گم ٿيل ماڻهن جي رپورٽ جمع ڪرائڻ بعد ڪميشن جي سراهي ڇڏي ڏيندس، هن چيو ته ڪنهن به معاملي کي رولڙي جو شڪار ٿيڻ نه ڏنو ويندو.هن چيو ته ايبٽ آباد ڪميشن جو به نتيجو نڪتو هو ۽ هاڻي نئب ڪيسن  جو به نتيجو نڪرندو. نئب جي چيئرمين چيو ته منهنجي مٿان نه ڪنهن جو دٻاءُ آهي ۽ نه وري منهجو ڪنهن سياسي پارٽي سان تعلق  آهي، ان کان اڳ پرويز مشرف جو دٻاءُ به برداشت ڪري چڪو آهيان ۽ ان کان وڌيڪ ڪو دٻاءٌ نه ٿو ٿي سگهي.هن چيو ته جئين مان سپريم ڪورٽ ۾ چيو هو ته انصاف سڀني لاءِ هئڻ گهرجي ائين ئي احتساب به سڀني لاءِ هوندو. هن چيو ته ڪجهه مهينن اندر قومي احتساب بيورو ۾ وڏيون تبدليون اچي وينديون. هن چيو ته نواز شريف جي پراسيڪيوشن جي مان پاڻ مانيٽرنگ ڪندس. ان کان اڳ سينيٽ جي انساني حق واري قائمه ڪميٽي جي اجلاس م شرڪت دوران نئب جي چيئرمين جسٽس رٽائرڊ جاويد اقبال گم ڪيل ماڻهن بابت انڪوائري ڪميشن جي ڪارڪردگي تي بريفنگ ڏيندي چيو ته گم ٿيل ماڻهن بابت ڪل 4 هزار  3 سئو 29 واقعا سامهون آيا، جنهن مان 2 هزار 8 سئو 99 ڪيس اڪلايا ويا آهن. بلوچستان مان گم ٿيل ماڻهن بابت مارچ ڪري آيل ماما قدير بلوچ  چيو ته 25 هزار ماڻهو گم آهن، مون ان کي چيو ته 25 هزار ماڻهن  نالا ٻڌايو، جڏهن ته ميڊيا سان ان کي غلط انگن اکرن تي ڪوريج ڏني، هن چيو ته گذريل ٻن سالن دوران گم ٿيڻ جا 60 واقعا پيش آيا آهن، هن چيو ته پرويز مشرف دهشتگردي جي الزام هيٺ 4 هزار ماڻهو کي غير ملڪين حوالي ڪيو جنهن جو هن پنهنجي ڪتاب ۾ به ذڪر ڪيو آهي اهي ڪهڙي قانون تحت انهن حوالي ڪيا ويا هئا، نه وري پارليامينٽ يا ڪنهن ٻئي پرويز مشرف کان اڄ ڏينهن تائين ڪڏهن پڇو آهي. هن چيو ته هو سياستدانن جو احترام ڪري ٿو پر هن گم ٿيل ماڻهن بابت ڪوئي ڪم ناهي ڪيو، پارليامينٽ کي قانوني رنڊڪون ختم ڪرڻ گهرجن.هن چيو ته گم ٿيل ماڻهن بابت رپورٽ ضرور پبلڪ  ڪئي ويندي ۽ ڪنهن سرد خاني حوالي نه ڪئي ويندي.هن چيو ته ملڪ جي ڪا اهڙي ايجنسي ناهي جيڪا ڪميشن آڏو پيش نه ٿئي، آءِ ايس آءِ ۽ ايم آءِ اي جي آفيسرن کي جڏهن به گهرايو ويو اهي پيش ٿيا، آءِ ايس آءِ  ۽ ايم آءِ اي سميت ٻيا ادارا بهتر ڪم ڪري رهيا آهن، هن چيو ته ڪيترن ئي مهينن کان ڪي پي ۽ بلوچستان مان گم ٿيل ماڻهن جو لاش ناهي مليو، پنجاب مان ماڻهن جي گم ٿيڻ جا واقعا وڌيڪ سامهون اچي رهيا آهن، هن وقت گم ٿيل ماڻهن جو تعداد 247 ماڻهو گم آهن. هن چيو  اين جي اوز طرفان الزام هڻڻ آسان ڪم آهي. هن چيو ته ايبٽ آباد ڪميشن تي 18مهينا ڪم ڪيو پر هڪ ميڊيا گروپ ڪلين چٽ ڏيڻ لاءِ چيو  پر اها رپورٽ صرف مون کانسواءِ ڪنهن ٻئي وٽ نه هئي. هن چيو ته اڳوڻي وزير اعظم ڪميشن جي رپورٽ عام ڪرڻ لاءِ چيو هو پراها رپورٽ الماڙي جي جي نظر ٿي وئي.هن چيو ته پارليامينٽ سندن تيارٿيل  رپورٽ عام ڪرائڻ ۾ ڪردار ادا ڪري ڇاڪاڻ ته پارليامينٽ سپريم آهي ۽ پارليامينٽ کي سپريم رهڻو آهي. سينيٽر  فرحت الله بابر جو چوڻ هو ته گم ٿيل ماڻهن جو تعداد  بابت فهرست جي حيثيت  تڪراري  آهي. هن چيو ته ڪميشن  جهڙي ريت ماما قدير کان سڌي ريت تنقيدي سوال ڪيا ويا جيڪڏهن اهي سوال ڄاڻايل ادارن کان ڪيا وڃن ها ته اڄ  صورتحال مختلف هجي ها. هن چيو ته ڪميشن ڇهه سالن کان شروعاتي رپورٽ به ناهي پيش ڪئي جنهن تي کين ڳڻتي آهي، هن چيو ته جڏهن پارليامان ڪارگل جي حوالي سان  سوال پڇي ٿو ته ان کي حساس ۽ ڳجهو قرار ڏنو  وڃي ٿو، آءِ ايس  آءِ  جي قانون بابت سوال هجي ٿو ته ان کي به حساس ۽ ڳجهو  هئڻ لاءِ ٻڌايو ٿو وڃي. جنهن تي جسٽس رٽائرڊ جاويد اقبال چيو ته ڪميٽي چچريل ماڻهن جي لاش تي بلوچستان هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس  جي رپورٽ کي پبلڪ ڪرائي، حساس ادارن جي ڳالهه ڪندي هن چيو ته جيستائين ثبوت نه ٿا ملن تيستائين سندن خلاف ڪارروائي نه ٿي ڪري سگهجي. ڪميٽي جي چيئرپرسن نسرين جليل جو چوڻ هوته جيڪي ماڻهو ادارن مان آزاد ٿي اچن ٿا انهن کان بيان ورتا وڃن جنهن تي نئب چيئرمين  جو چوڻ هوته ادارن مان آزاد ٿيندڙ خاموش رهڻ ئي بهتر سمجهن ٿا، گم ٿيل ماڻهن بابت رپورٽ نومبر ۾ پيش ڪئي ويندي. 04

هي به ڏسي سگهو ٿا

نصرت ڀٽو جي اڄ ڇهين ورسي، مادر جمهوريت عوام کي حوصلو ڏنو: پ پ چيئرمين

ڪراچي (رپورٽر) مادر جمهوريت بيگم نصرت ڀٽو جي  ڇهين ورسي اڄ ملهائي پئي وڃي. پيپلز پارٽي …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي