11 پیر , دسمبر 2017

ن ليگ ۽ پي ٽي آءِ جي سياست ڳٺ جوڙ واري آهي، پختونن کي سڃاڻپ اسان ڏني: آصف زرداري

نوشهره  ( م ڊ  ) پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين ۽ اڳوڻي صدر  آصف علي زرداري چيو آهي ته ن ليگ ۽ پي ٽي آءِ  ڏيکاءَ ۽ ڳٺ جوڙ جي سياست ڪري رهيا آهن. نوشهره ۾ ڪارڪنن کي خطاب ڪندي چيو ته پي ٽي آءِ وارا نئون پاڪستان ٺاهڻجي ڳالهه ڪري رهيا آهن پر هنن هڪ ڳوٺ به  ناهي  ٺاهي سگهيو. هن ڪي پي جي وڏي وزير  کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو ته هن پنهنجو ذاتي ڳوٺ لاءِ به ڪجهه ناهي ڪري سگهيو،  ايتري تائين جو هنن خيبر بينڪ کي به بخش نه ڪيو. آصف زرداري چيو ته اڄ پرويز خٽڪ جي ڳوٺ ۾ آهيان، اهي ماڻهو چون ٿا ته نئون پاڪستان بڻائينداسين، پرويز ختڪ کي سڃاڻان ٿو هو منهنجي آفيس ۾ ويٺو هوندو هو. هن چيو ته موجوده حڪومت ۾ ايتري لوڊشيڊنگ ۽ هر قسم جو فراڊ آهي، جنهن کي اسان نوڪريون ڏنيون، هنن انهن ماڻهن کي ڪڍي ڇڏيو، اسان هزارين ماڻهن کي هاءِ ڪورٽ مان بحال ڪرايو، اهي ماڻهو هر قسم جو سياسي انتقام وٺندا آهن. هن چيو ته سينيٽ ۾ اي اين پي ۽ پي ٽي آءِ حڪومت کي ووٽ ڏنا، اهي ماڻهو ڏيکاءُ واري سياست ڪندا آهن انهن جي هر شئي ۾ ڏيکاءُ آهي. هن چيو ته مون پختونن کي سڃاڻپ اڄ لاءِ ناهي ڏني، ان ڏينهن لاءِ ڏني ته ڪٿي اسان جو دشمن ڀارت ڪي پي ۾ گهڙي. 04

هي به ڏسي سگهو ٿا

حڪومت خلاف اتحاد ڪندڙ زيرو آهن، سياستدان ئي جمهوريت تي راتاهو چاهين ٿا: وزيراعظم

جهنگ( ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته اتحاد ٺاهڻ جي ضرورت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے