12 اڱارو , ڊسمبر 2017

ملڪي معيشت تي ڳڻتي ظاهر، قرض وڌي ويا، جاري خسارو بهتر ناهي: آرمي چيف

ڪراچي (م ڊ): آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه چيو آهي ته پاڪستان گذريل چئن ڏهاڪن کان ڪيترن ئي چئلينجز کي منهن ڏئي رهيو آهي، معيشت جو تعلق زندگي جي سمورن شعبن سان آهي، بهتر سڪيورٽي نه هئڻ سبب اميرملڪ به جارحيت جو شڪار ٿيندا آهن، روس وٽ هٿيار گهٽ نه هيا، ڪمزور معيشت سبب روس ٽٽو، جنرل قمر جاويد باجوه جو ڪراچي ۾ سيمينار کي خطاب ڪندي چوڻ هو ته قومي لائحه عمل تي عملدرآمد لاءِ جامع ڪوششن جي ضرورت آهي، دنيا ۾ قومي سلامتي ۽ معاشي استحڪام ۾ توازن جي حصول تي ڌيان آهي، سلامتي ۽ معيشت هڪ ٻئي سان جڙيل آهن، اڄ جي دور ۾ سڪيورٽي هڪ وسيع موضوع آهي، ملڪ ۾ داخلي سلامتي جي صورتحال ۾ بهتري آئي آهي، سندس چوڻ هو ته رياست کي درپيش چئلينجن کي شڪست ڏني وئي آهي، مضبوط معيشتن تي جارحيت کي منهن ڏنو آهي، مختلف عالمي نظرين ۾ گذريل ٻن ڏهاڪن دوران تبديلي آئي، معيشت زندگي جي هر پهلو تي اثرانداز ٿيندي آهي، جنرل قمر جاويد باجوه جو چوڻ هو ته بهتر سڪيورٽي نه هئڻ سبب امير ملڪ به جارحيت جو شڪار ٿيندا آهن، عراق جو ڪويت تي حملو ان جو مثال آهي، اسان دنيا جي سڀ کان وڌيڪ غير مستحڪم خطي ۾ رهون ٿا، شروع کان ئي پاڪستان کي ڪيترن بحرانن کي منهن ڏيڻو پيو، اميد ڪريان ٿو ته سينيمار جي نتيجن مان لاڳاپيل ڌريون فائدو وٺنديون. هن چيو ته نيشنل ايڪشن پلان تي جامع ڪوششن جي ضرورت آهي، اسان جي اوڀر ۾ جنگي جنون ۾ مبتلا ڀارت ۽ اولهه ۾ ڪمزور افغانستان آهي خطي ۾ تاريخي مسئلن ۽ ناڪاري مقابلن جو رجحان رهيو آهي. اولهندي سرحد تي مسئلن جي سفارتي، فوجي، معاشي حل جون ڪوششون، ڪري رهيا آهيون. پاڙيسرين کي گڏجي ڪم ڪرڻ جي دعوت ڏيون ٿا.هن چيو ته ملڪ ۾ راندين ۽ ثقافت جا وڏا مقابلا ڪرايا، محرم ۾ مڪمل امن رهيو، سي پيڪ ۽ ٻيا منصوبا مڪمل ٿيڻ وارا آهن، سي پيڪ جي چيني دوستن کي فوج سيڪيورٽي فراهم پئي ڪري. پر اڃا به ڊگهو سفر ڪرڻو آهي. هن چيو ته ملڪي معيشت جا اشارا گڏيل سڏيل آهن. ترقي ٿئي پئي پر قرض به آسمان سان ڳالهيون پيا ڪن. ٽيڪس ۽ جي ڊي پي جي شرح گهٽ آهي. ڪستو ڀڃڻو آهي ته ان کي بهتر بڻائڻو پوندو. انفرااسٽرڪچر جا شعبا بهتر ٿيا آهن پر جاري خسارو بهتر نه آهي. عوام رياست کان برابري واري سلوڪ جي خاطري چاهين ٿا. هن چيو ته ڪراچي هميشه محفوظ رهندي هتي امن اسان جي پهرين ترجيح آهي. اميد ته معاشي سرگرميون تيزي سان بحال ٿينديون. هن چيو ته نان اسٽيٽ ايڪٽر اسان جي سيڪيورٽي تي ڪنٽرول ڪرڻ چاهين ٿا. صورتحال مستحڪم آهي پر ڪٿي ڪٿي خطرا برقرار آهن. مدرسن ۾ سڌارا به تمام اهم آهن.مدرسن کي پنهنجي کٿابين کي معاشري جو فائديمند ميمبر بڻائين، اسان کي ڏکين فيصلن لاءِ تيار رهڻو پوندو.113041

هي به ڏسي سگهو ٿا

پ پ ۽ ن ليگ ۾ معاملا طئي، سينيٽ ۾ تڪبندين جي بل تي راضپو ظاهر

اسلام آباد (بيورو) پ پ ۽ ن ليگ ۾ معاملا طئي ٿي ويا، جنهن ڪري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے