23 سومر , آڪٽوبر 2017

آصف زرداري سياست کان پاسيرو ٿئي، ادي فريال جي ڳالهه ناهيان ٻڌندو: اعتزاز احسن

اسلام آباد (م ڊ) پيپلزپارٽي جي سينيئر اڳواڻ ۽ سينيٽ ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ سينيٽر اعتزاز احسن چيو آهي ته نواز شريف پ پ تي حملا ڪيا ۽ حڪومت خلاف سازشون ڪيون. سندس ڪيس پڌرا آهن. نئب ساڻن رعايت پيو ڪري. اعتزاز احسن چيو ته ادي فريال ٽالپرجي ڪن کولي ٻڌڻ جي ڳالهه ته آئون به نه ٻڌندس. هن اي آر واءِ جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي چيو ته ادي فريال ٽالپر عوامي جلسي جي موڊ ۾ هئي. جلسي ۾ ماڻهو اهڙيون ڳالهيون چئي ويندو آهي. پر سندس اهڙي لهجي واري ڳالهه ته آئون به قبول نه ڪندس. هن چيوته سياسي ڊيل ٿيڻ گهرجي. بلاول پنجاب ۾ پارٽي کي جياري سگهي ٿو. هي نوجوانن جي پارٽي هجڻ کپي. آصف زرداري ڀرپور سياست ڪئي آهي. پر هاڻ پارٽي ۾ سندس اثرائتو ڪردار نه هجڻ گهرجي. 1129

هي به ڏسي سگهو ٿا

نصرت ڀٽو جي اڄ ڇهين ورسي، مادر جمهوريت عوام کي حوصلو ڏنو: پ پ چيئرمين

ڪراچي (رپورٽر) مادر جمهوريت بيگم نصرت ڀٽو جي  ڇهين ورسي اڄ ملهائي پئي وڃي. پيپلز پارٽي …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي