23 سومر , آڪٽوبر 2017

حڪومت ميڊيا جي آزادي تي پختو يقين رکي ٿي: وزيراعظم

اسلام آباد    (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته حڪومت ميڊيا جي آزادي تي پختو يقين رکي ٿي، ميڊيا جي واڌ ويجهه ۽ ترقي لاءِ هر ممڪن مدد جاري رکندي. هو اربع ڏينهن پيمرا جي ڪارڪردگي بابت اجلاس ۾ ڳالهائي رهيو هو. اجلاس ۾ اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب، وزيراعظم ميڊيا معاملن بابت خصوصي مددگار مصدق ملڪ، پيمرا چيئرمين ابصار عالم ۽ اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت، پيمرا جا سينيئر عملدار به ان موقعي تي موجود هئا. پيمرا چيئرمين وزيراعظم شاهد خاقان عباسي کي اداري جي ڪارڪردگي جي حوالي سان ۽ معاملن بابت بريفنگ ڏني. وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو ته مستحڪم، متحرڪ ۽ ذميدار ميڊيا جو ڪردار سماجي ترقي جي لاءِ اهم آهي، ميڊيا ادارن جي استحڪام، بهتر طرز حڪمراني ۽ معاشرتي قدرن جي لاءِ به اهم آهي، هن چيوته موجوده حڪومت ميڊيا جي آزادي تي پختو يقين رکي ٿي ۽ ميڊيا جي واڌ ويجهه ۽ ترقي جي لاءِ هر ممڪن مدد جاري رکندي. 0329

هي به ڏسي سگهو ٿا

نصرت ڀٽو جي اڄ ڇهين ورسي، مادر جمهوريت عوام کي حوصلو ڏنو: پ پ چيئرمين

ڪراچي (رپورٽر) مادر جمهوريت بيگم نصرت ڀٽو جي  ڇهين ورسي اڄ ملهائي پئي وڃي. پيپلز پارٽي …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي