11 پیر , دسمبر 2017

جهانگير ترين جي اليڪشن ڪميشن ۽ ايف بي آر کي ڏنل تفصيلن ۾ فرق آهي: چيف جسٽس

supاسلام آباد (م ڊ) سپريم ڪورٽ جهانگير ترين نااهلي ڪيس ۾ چيو آهي ته ايف بي آر ۽ اليڪشن ڪميشن ۾ جمع ڪرايل ٽيڪس تفصيلن ۾ فرقر آهي. لڳي ٿو ته زرعي آمدني لڪائي وئي آهي. سپريم ڪورٽ ۾ ٻڌڻي دوران جهانگير ترين جي وڪيل چيو ته پنجاب جي ڀيٽ ۾ سنڌ جو زرعي ٽيڪس نظام واضح آهي. هن چيوته ليز زمين تي ٽيڪس مالڪ ڏيندو آهي. چيف جسٽس چيو ته ٽيڪس نظام تي شڪ نه ڪرڻ گهرجي. ٽيڪس آمدني تي لاڳو ٿئي ٿو. جسٽس فيصل عرب چيوته مالڪ ٽيڪس زمين جو ڏيندو. آمدني جو ڪير ڏيندو. وڪيل چيو ته هڪ زمين تي ٻٽو ٽيڪس ڇو ڀريو وڃي. جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته اسان کي ڏسڻو آهي ته جهانگير ترين ڪيترو ٽيڪس ڏنو. 0329

هي به ڏسي سگهو ٿا

حڪومت خلاف اتحاد ڪندڙ زيرو آهن، سياستدان ئي جمهوريت تي راتاهو چاهين ٿا: وزيراعظم

جهنگ( ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته اتحاد ٺاهڻ جي ضرورت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے