11 پیر , دسمبر 2017

5 اربن جي سنڌ فيسٽيول جو ڪهڙو فائدو، حڪومت ٿر جي ٻارن لاءِ ڇا ڪيو آهي:چيف جسٽس سنڌ

ڪراچي (رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس احمد علي شيخ ۽ جسٽس ڪي ڪي آغا تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ اطلاعات کاتي ۾ 5 ارب کان وڌيڪ ڪرپشن ريفرنس ڪيس ۾ اڳوڻي صوبائي وزير شرجيل ميمڻ ،اڳوڻي سيڪريٽري ذوالفقار شالواڻي، يوسف ڪابورو، منصوراحمد راجپوت، سيد مسعودهاشمي، الطاف ميمڻ، سانگ لطيف، گلزارعلي، عمر شهزادخان، انعام اڪبر، سيد نويد سميت ٻين جوابدارن جي ضمانت واري درخواست جي ٻڌڻي ڪئي .عدالت ۾ ٻڌڻي  دوران جوابدار انعام اڪبر جي غير حاضري تي چيف جسٽس سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته جوابدار ڇو پيش نه ٿيو .جوابدار انعام اڪبر جي وڪيل ايس ايم اقبال چيو ته جوابدار سخت بيمار آهي لاهور جي اسپتال ۾ علاج ٿي رهيو آهي . ڊاڪٽرن سفر کان منع ڪيو آهي .چيف جسٽس چيو آهي ته اسان ڊاڪٽر کي عدالت ۾ گهرائيندسين .وڪيل چيو ته توهان کي اختيار ناهن، چيف جسٽس چيو ته اسان کي خبر آهي ته اسان جا اختيار ڇا آهن اسان جي صبر جو امتحان نه وٺو .چيف جسٽس چيو ته 5 ارب13 ڪروڙ رپين جو سنڌ فيسٽيول ملهايو ويو، فائدو ڇا ٿيو آهي .چيف جسٽس وڌيڪ چيو ته ڊينگي  لاءِ ڪجهه ڪيو يا نه .ٿرجي ٻاڙرن جي لاءِ ڇا ڪيو آهي .عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 18 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪندي سمورن جوابدارن جي ضمانت ۾ واڌ ڪري ڇڏي آهي .0329

هي به ڏسي سگهو ٿا

حڪومت خلاف اتحاد ڪندڙ زيرو آهن، سياستدان ئي جمهوريت تي راتاهو چاهين ٿا: وزيراعظم

جهنگ( ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته اتحاد ٺاهڻ جي ضرورت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے