23 سومر , آڪٽوبر 2017

مصطفيٰ ڪمال سمنڊ ڪناري ڊگهي عمارت جي اجازت ڏني: نئب

ڪراچي (رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس احمد علي شيخ ۽ جسٽس ڪي ڪي آغا تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ اڳوڻي سٽي ناظم مصطفيٰ ڪمالسميت ٻين جي خلاف سمنڊ ڪناري 5هزار کان وڌيڪ چورس گز زمين جي غير قانوني الاٽمنٽ ڪيس ۾ جاچ مڪمل ڪرڻ ۽ 14 نومبر تائين رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي .عدالت ۾ ٻڌڻي دوران نئب جي وڪيل چيو ته زمين 1980 ع ۾ دڪاندارن سميت ٻين کي ليز تي ڏني وئي .هن وڌيڪ چيو ته 2005ع ۾ سموري زمين بلڊر ليز تي ورتي .اڳوڻي سٽي ناظم مصطفيٰ ڪمال بلڊر کي ڊگهي عمارت ٺاهڻ جي اجازت ڏني.چيف جسٽس سنڌ احمد علي شيخ پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته اڳوڻي سٽي ناظم مصظفي ڪمال اجازت ڏني ته ان جي خلاف جاچ ڪئي وئي .نئب جي وڪيل جواب ڏنو ته مصطفيٰ ڪمال کي جوابدار نامزد ڪيو ويو ۽ بيان به رڪارڊ ڪيو ويو .جڏهن ته وڌيڪ جاچ جي لاءِ مهلت ڏني وڃي .0329

هي به ڏسي سگهو ٿا

نصرت ڀٽو جي اڄ ڇهين ورسي، مادر جمهوريت عوام کي حوصلو ڏنو: پ پ چيئرمين

ڪراچي (رپورٽر) مادر جمهوريت بيگم نصرت ڀٽو جي  ڇهين ورسي اڄ ملهائي پئي وڃي. پيپلز پارٽي …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي