12 اڱارو , ڊسمبر 2017

عوامي آواز| نئين نسل ڇا سوچي رهي آهي…؟ | پروگرام: سنڌ منظر | ميزبان: مقتدا منصور| مهمان : نغمه شيخ 2017-10-11

ڪراچي (رپورٽر) شاگرد اڳواڻ نغما اقتدار چيو آهي ته اڄ جو شاگرد سياسي سيٽ اپ کان مايوس آهي. هنن وٽ پنهنجي احساسن ۽ خيالن جي اظهار لاءِ ڪو پليٽ فارم ڪونهي.رياست نوجوانن جا مسئلا ٻڌڻ لاءِ سنجيده ناهي. ميڊيا به نوجوانن ۽ شاگردن کي نظر انداز ڪيو آهي.هنن جا مسئلا بحث هيٺ نٿا آندا وڃن. هن اهڙن خيالن جو اظهار عوامي آواز ٽي وي پروگرام ”سنڌ منظر“ ۾ ميزبان مقتدا منصور سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته هوءَ بنگلاديش ۾ورلڊ سوشل فورم نالي هڪ پروگرام ۾ سئو شاگردن جو وفد وٺي وئي. جتي ايشيا جي شاگردن جا مسئلا زير بحث آيا. انڊيا، پاڪستان جا شاگرد هڪ ٻئي جي ملڪن جي باري ۾ ڄاڻڻ چاهن ٿا. هن چيو ته ملڪ جي تعليمي ادارن ۾ سياسي پارٽين جون ونگون نه هجڻ گهرجن. وڏيرڪي ۽ جاگيرداراڻي سوچ گڏيل تعليم خلاف آهي. انتهاپسندي رياست سرپرستي هيٺ وڌي آهي.اهو هڪ الميو آهي موجوده دور ۾ شاگردن کي سوال پڇڻ نٿو ڏنو وڃي. سنڌ يونيورسٽي ۾ ثقافتي پروگرام ٿيڻ نه ڏنو ويو پر مذهبي پارٽين کي پروگرام ڪرڻ جي آزادي ڏني وئي. يونيورسٽي ۾ اوهان سپروائيزر جي مرضي کانسواءِ هڪ لائين به ٿيسز ۾ نٿا لکي سگهو. شاگردن جا مسئلا حل نه ڪرڻ سان انهن ۾ بي چيني پيدا ٿي رهي آهي. سنڌ ۾ هڪ خاص عمر جون هندو ڇوڪريون مسلمان ڪيون پيون وڃن. ميديا شاگردن جا مسئلا نٿي کڻي. صرف ٻن ٽن پارٽين تائين محدود آهن. اڌ ڪلاڪ به عوامي مسئلن کي نه ٿو ڏنو وڃي. ميڊيا سان اڻ لاڳاپيل ماڻهو چينل کولي ويٺا آهن. سنڌ اسيمبلي عورتن جي حقن لاءِ گهڻا قانون پاس ڪرايا آهن جنهن لاءِ هر پارٽي جي عورتن ڪوشش ڪئي پر قانونن تي عمل نٿو ڪيو وڃي. هتي مختلف قانون آهن. وفاقي صوبائي شرعي قانون جيڪي هڪ ٻئي جي ٽڪراءَ ۾ آهن. هتي قبائلي جرڳا ۽ شهري نظام رائج آهي.هن چيو ته اسان عورت کي ڇرا هڻڻ واري خلاف جوهر چورنگي تي جلسو ڪيو هو. 029

هي به ڏسي سگهو ٿا

|سنڌ منظر جي پروگرام ۾ خصوصي ڳالهه ٻولهه| پروفيسر ڊاڪٽر ايس ايم طحه

سنڌ منظر جي پروگرام ۾ خصوصي ڳالهه ٻولهه پروفيسر ڊاڪٽر ايس ايم طحه

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے