11 پیر , دسمبر 2017

ذهني صحت لاءِ 10 نقصان ڪار عادتون

هي چوڻ غلط هوندو ته جسم چاهي جيترو به مضبوط هجي جيڪڏهن دماغي طور ڪمزور هجي ته دنيا ۾ اڳتي وڌڻ يا روشن مستقبل جو تصور ڪرڻ تائين ممڪن ناهي ، پر هي به حقيقت آهي، ته اڪثر ذهني مايوسي اسان ڪنٽرول کان ٻاهر هوندي آهي، جيئن ڪنهن پياري جي موت، ملازمت ختم ٿي وڃڻ يا مالي مشڪلاتون، پر جيڪڏهن اوهان کي معلوم آهي ته روز مره جي زندگي ۾ ننڍي چونڊ به اوهان جي مزاج تي اندازي کان وڌيڪ اثر وجهندي آهي، جيئن اوهان جي سوشل ميڊيا جون عادتون، ورزش جو معمول هاڻي تائين اوهان جي هلڻ جو انداز اوهان جي دماغي صحت تي اثر وجهندو آهي، اڄ پاڪستان سميت سموري دنيا ۾ ذهني صحت جو عالمي ڏينهن ملهايو پيو وڃي، ته پنهنجي ذهني صحت کي بهتر بڻائڻ لاءِ هيٺ ڏنل عادتن کي ڇڏي ڏيو.
هتي اهڙين ئي ڪجهه عادتن جي باري ۾ ڄاڻيو، جيڪي ذهني صحت لاءِ نقصانڪار ثابت ٿينديون آهن

1. جهڪي هلڻ
جهڪي هلڻ اسان جي ذهني حالت اسان جي هلڻ جي انداز تي مرتب هوندي آهي، پر هڪ تحقيق موجب جڏهن ماڻهو هلڻ دوران پنهنجي ڪنڌ ۽ چيلهه کي جهڪائيندا آهن، ته انهن کي چڙچڙو پن يا ناخوشگوار مزاج جو تجربو هوندو آهي، ان طرح هلڻ جا عادي ماڻهو ذهني طور تي مثبت تجربن بجاءِ منفي شين کي گهڻو ياد رکندا آهن، جيڪو ان جي ذهني صحت کي نقصان پهچائڻ جو سبب بڻجندو آهي، ۽ الزائمر مرض جو خطرو وڌي ويندو آهي،
2. هر شئي جي تصوير ڪڍڻ
پنهنجي زندگي هر گهڙي تصويرون ڪڍڻ جي عادت ماڻهن جي اندر اهم گهڙين کي ياد ڪرڻ جي صلاحيت کي ختم ڪري ڇڏيندي آهي، فائر فيلڊ يونيورسٽي جي تحقيق موجب هر وقت ڪيمرا جي اک سان اهم گهڙين کي ڏسڻ جي عادت يادداشت ۾ ان منظر جي جزن کي سڪائي ڇڏيندي آهي، تحقيق ڪندڙ لنڊا بينڪل موجب تصوير ڪڍڻ جي عادت يادداشت تي اثر انداز ٿيندي آهي، ۽ ماڻهوکي پنهنجي زندگي جي اهم گهڙين کي گهٽ ڳالهيون ئي ياد رکي سگهندا آهن، تحقيق جي بقول تصوير ڪڍڻ وقت ماڻهو جو ڌيان رڳو هڪ خاص شئي يا منظر تي کُتل هوندو آهي، جنهن سبب ان جي يادداشت زوم ڪرڻ جي صلاحيت کان محروم ٿي ويندو آهي،


3. ورزش نه ڪرڻ
جيڪڏهن سڄي هتي ۾ 3 ڏينهن به جسماني طور تي گهڻو متحرڪ هجي ته مايوسي جو خطرو 19 سيڪڙو گهٽ ٿي ويندو آهي، لنڊن ڪاليج يونيورسٽي جي هڪ تحقيق موجب جسماني تحريڪ ۽ مايوسي جي وچ ۾ واضح تعلق موجود آهي، سولن لفظن ۾ جيڪي ماڻهو جسماني طور تي گهڻو متحرڪ ناهن هوندا انهن ۾ مايوسي جو خطرو به گهڻو وڌيڪ هوندو آهي، جڏهن ته ورزش يا ڪنهن قسم جي جسماني سرگرمي رکڻ وارا ماڻهو ان ذهني بيماريءَ کان گهڻي حد تائين محفوظ رهندا آهن،


4 . بهانن جي عادت

ڪنهن ڪم دوران اوهان ان کي ڪرڻ بجاءِ ٽاري ڇڏڻ جو ڪم وٺندا آهيو، جنهن سبب خوف يا ڪا پريشاني ٿيندي آهي، ته ناڪامي جو منهن نه ڏسڻ پوي ته ان عادت کي مستقل طور اپنائڻ جي نتيجي ۾ ڪيترائي ذهني مرض اوهان کي پنهنجو شڪار بڻائي سگهن ٿا ۽ هي ڪنهن ڪم ۾ ناڪامي سان گهڻو نقصانڪار ثابت ٿيندو آهي،


5 . زندگي کي گهڻو وڌيڪ سنجيدگي سان وٺڻ
جيڪڏهن اوهان پنهنجي روزمره جي هر مسئلي کي زندگي ۽ موت جو مسئلو بڻائي ڇڏيندا آهيو گهڻو جلد ڪنهن نفسيات جي ماهر کان علاج ڪرائيندا نظر ايندئو حقيقت ۾ ڪيترين ئي طبي تحقيقي رپورٽن ۾ هي ڳالهه سامهون آئي آهي، کل ذهني پريشاني ۽ مايوسي جي سڀ کان بهترين دوا آهي، ۽ سٺي ڳالهه اها آهي ته ان لاءِ پيسا به خرچ ڪرڻا ناهن پوندا ،


6 . ننڊ کان دوري
ننڊ دماغي صحت لاءِ سب کان اهميت رکندڙ آهي، ذهني ۽ جذباني صلاحيتن ۽ جسماني افعال سڀ ننڊ جي نتيجي ۾ ٻيهر تازا ٿي ويندا آهن، ۽ ان کانسواءِ ماڻهو ذهني مسئلن جو شڪار ٿيڻ لڳندو آهي، ۽ ڊيمنيشيا سميت ٻيا مرض وڪوڙي ويندا آهن، جيڪو ٿي سگهي ٿو نوجواني جي دور ۾ ته گهڻو تڪليف ڏيندڙ هو پر وڏي عمر جي شاهراهه تي پير رکڻ بعد اهي اوهان کي خراب طرح نپوڙي ڇڏيندا،

7. ڪڏهن اڪيلا نه ٿيجو
ٻارن، ڪم، شادي ۽ ٻين سرگرمين جي نتيجي ۾ اوهان کي ڪڏهن به اڪيلو رهڻ جو موقعو ناهي ملندو، پنهنجي لاءِ ڪجهه وقت اڪيلائي ۾ گذارڻ ذهني ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي لاءِ گهڻي اهميت رکندو آهي، هاڻي چاهي هو هڪ منٽ، 10 يا ڪلاڪ ئي ڇو نه هجي، ان کانسواءِ اوهان جيڪو به ڪم ڪندا آهيو، مايوسي ۽ ذهني ڳڻتي جهڙا مرض اوهان کي وڪوڙي ويندا آهن، ۽ گهڻي سخت مرض جو سبب بڻجي ويندا آهن،


8 سوشل ميڊيا جو گهڻو استعمال
جيڪڏهن اوهان ڪنهن سان رابطي لاءِ زبان بدران ايس ايم ايس، فيس بڪ ۽ ٻين سوشل ميڊيا جو استعمال گهڻو ڪندا آهيو، يا ان کي ئي ترجيح ڏيندا آهيو، ته حقيقت ۾ اوهان سٺن دوستن کان هميشه ئي محروم رهندا آهيو، جڏهن ته فيس بڪ وغيره جا دوست تفريح لاءِ ته ٿي سگهن ٿا، پر ان سان دل جون ڳالهيون نٿا ڪري سگهو، جنهن سان ماڻهن کي سمجهڻ ۾ مدد ملندي آهي، پر حقيقت ۾ هي سائنس انساني جذبن ۽ تجربن کي گهڻي ترجيح ڏيندا آهيو، جنهن سان ماڻهن جي ذهني صلاحيتن ۽ ماڻهن سان گڏجي رهڻ ۾ دلچسپي گهٽ ٿي ويندي آهي،


9. موبائل فون کان سواءِ زندگي لڳي مشڪل
ڇا اوهان کي ياد آهي ته آخري ڀيرو ڪهڙو ڏينهن هيو جڏهن اوهان موبائل کان مڪمل طور تي پري رهيا هئا ؟ ڪجهه ياد ناهي ته هي ڪا سٺي علامت ناهي، سائنسي تحقيق موجب موبائل ڊيوائسز انسانن کي پنهنجو ديوانو بڻائي رکيو آهي، ۽ اسان انهن کي هميشه آن رکي حقيقت ۾ پنهنجي جسم کي ڪڏهن حقيقي آرام ڪرڻ ناهيو ڏيندا، جنهن سبب اسان جو جسم ۽ ذهن ماضي جيان تونائي سان ڀرپور ناهن رهندا، اها ئي شئي اڳتي وڌي مايوسي يا ذهني پريشانين جو ڳڙهه بڻجي ويندو آهي،


10 . ساڳي وقت ڪيترائي ڪم ڪرڻ يا ملٽي ٽاسڪنگ
هر انسان جي خواهش هوندي آهي، ته هو ساڳي وقت ڪيتراِ ڪم گڏ ڪري وٺي ته جيئن وقت جي بچت ٿي سگهي ٽي وي ڏسڻ ۽ موبائل فون تي مسلسل ايس ايم ايس ڪرڻ وغيره، هڪ تحقيق موجب جيڪڏهن ماڻهن کي لڳندو آهي، ته هو ساڳئي وقت ڪيترائي ڪم ڪرڻ کان هو بهتر ورڪر بڻجي ويندو آهي، پر حقيقت ۾ ايئن هوندو ئي ناهي پر هي ماڻهن کي ذهني ڇڪتاڻ جو شڪار ڪري ڇڏيندو آهي، جڏهن ته اسان جا لاڳاپا به هڪ وقت ۾ گهڻين شين تي ڌيان ڏيڻ سبب متاثر ٿيندا آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

هاڻ 18 ورهين جي ڄمار کان پوءِ به قد وڌائي سگهجي ٿو!

لنڊن(ويب ڊيسڪ) توهان اهو ٻڌو هوندو ته عام طور 18 ورهين کان پوءِ انسان جو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے