11 پیر , دسمبر 2017

مريخ تائين سفر لاءِ خلا بازن جا ڊي اين اي تبديل ڪرڻ تي غور

ايسٽ لنڊن (ويب ڊيسڪ): ناسا مطابق 2030 جي ڏهاڪي ۾ انسانن کي مريخ تي موڪلي سگهبو پر ان جي لاءِ ناسا جا ماهر دوائن جي ذريعي خلائي عملي جو ڊي اين اي بدلائڻ تي غور ڪري رهيا آهن، ناسا مطابق ان سان انساني جسمن تي بلند توانائي وارن ذرن جي خراب اثر مثال طور ڪينسر کان بچاءُ ممڪن ٿي سگهندو ۽ ٻين مرضن کان به محفوظ رهي سگهندا، ناسا جي چيف ٽيڪنالاجسٽ ڊاڪٽر ڊگلس ٽيرئر وارن لنڊن ۾ هڪ ڪانفرنس ۾ اهڙن خيالن جو اظهار ڪيو آهي، هن چيو ته هڪ مرڪب اين ايم اين ڪلنڪل ٽرائلز ۾ شامل ٿي ويو آهي، جنهن تجربه گاهه  ۾ ڪوئن تي وڏا سٺا اثر ظاهر ڪيا آهن، تنهن ڪري اسان جا طبي ماهر خلا بازن جي ڊي اين اي ۾ وڌيڪ مثبت تبديلي ڪرڻ جا خواهشمند آهن، جنهن ۾ ايپي جنيٽڪ موڊيفڪيشن به شامل آهي، ان عمل ۾ ڊي اين اي ڪوڊ تبديل ڪرڻ کان بغير جين پڙهڻ جو طريقو بدلايو وڃي ٿو ، ان سان مريخ خلا باز يا ”مارسوناٽس“ هڪ جينياتي هدايت کي وڌائڻ ۽ ٻين جين کي خاموش ڪري سگهندا، ان سان جسم ۾ مدافعت پيدا ڪري ڪينسر، ڊيمنشيا ۽ شعائن سان لاڳاپيل ٻين مرضن کان بچائي سگهجي ٿو ، ناسا جي چيف ٽيڪنالاجسٽ ٻڌايو ته ان کان علاوه به گهڻن ئي اهم آپشنز تي غور ڪيو پيو وڃي، انهن ۾ ڪجهه طريقن تي اخلاقي سوالي نشان به آهن ۽ ان تي هاڻي غور ويچار ڪيو پيو وڃي، ڊاڪٽر ڊگلس چيو ته خلا ۾ طاقتور ڪائناتي شعاعن  (ڪاسمڪ ريز) جي برسات پوندي رهي ٿي، جيڪا انساني چمڙي کي سخت نقصان پهچائي جسم جي اندر به گڙٻڙ پيدا ڪري سگهي ٿي، زمين تي موجود قدرتي برقي مقناطيسي غلاف اسان کي انهن خطرن کان محفوظ رکي ٿو ، ٻئي طرف ناسا مريخي  سفر جي لاءِ خلا بازن جي صحت جو خيال رکڻ وارن ڪيترن ئي نظامن تي ڪم ڪري رهيا آهن، جنهن ۾ روبوٽس ۽ مصنوعي ذهانت جا سسٽم شامل آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سام سنگ هاڻ هٿ پڙهڻ وارو فون تيار ڪندي

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) سام سنگ ارادو ظاهر ڪيو آهي ته هو اهڙي اسمارٽ فون تي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے