11 پیر , دسمبر 2017

ڪيٽر پلر فنگس: اها جڙي ٻوٽي جنهن سان مرداڻا ڪمزوري ختم ٿي سگهي ٿي

کٽمنڊو (ويب ڊيسڪ): نيپال ۾ هڪ ننڍي جڙي ٻوٽي ملندي آهي، جنهن جو نالو ڪيٽرپلر فنگس (Caterpillar Fungus) آهي، نيپالي زبان ۾ ان کي ”يرشا گمبا“ چوندا آهن، دي گارڊين جي رپورٽ موجب هي ننڍي جڙي ٻوٽي مرداڻي ڪمزوري لاءِ اڪسير جو درجو رکي ٿي، ۽ انتهائي مهانگي کپندي آهي، مند ۾ ان جي قيمت في ڪلو گرام حيران ڪندڙ طور تي 20 هزار پائونڊ تقريبن ” 27 لک 69 هزار رپين“ تائين هوندي آهي، هي مرداڻي ڪمزوري جي دوا بڻائڻ ۾ استعمال ٿيندي آهي، جنهن کان مرداڻي جنسي خواهش ۾ بي پناهه اضافو ٿي ويندو آهي،  رپورٽ موجب ڪيٽرپلر فنگس جو نالو ڪيٽرپلر نالي جيت جي نسبت سان رکيو ويوآهي، ڇو جو هي جيت جي شڪل جهڙو آهي، نيپال ۾ جڏهن ان جي مند هوندي آهي، ته هر ڪو پنهنجي ٻين ڪمن ۽ نوڪرين کي ڇڏي ان فنگس جي ڳولا ۾ نڪري پوندو آهي، جڏهن ته ان مند ۾ علائقي جي اسڪولن ۾ به موڪلون ڪيون وينديون آهن، ماڻهو پنهنجي هٿن ۽ پيرن تي جانورن جيان هلندي ان جڙي ٻوٽي کي ڳوليندا آهن، ڇو جو هي گهڻي ننڍي هوندي آهي، رپورٽ موجب ان جڙي ٻوٽي کي ”هماليه جي وياگرا“ به چيو ويندو آهي، هيمل ايال نالي نيپالي شهري جو چوڻ هو ته مان فنگس جي ڪاروبار ۾ 8 سالن کان رڌل آهيان، ان جا 80 سيڪڙو کان وڌيڪ خريدار چيني آهن، جيڪي ان مان دوا ٺاهيندا آهن، هي دوا ايتري ته مهانگي هوندي آهي، جو امير ماڻهو ئي ان کي خريد ڪري سگهن ٿا، هاڻي موسمي تبديلين سبب ان جي پيداوار انتهائي گهٽ ٿي  وئي آهي، بيبڪ جهاڪري نالي هڪ شخص جو چوڻ هو ته ” ڪجهه  سال اڳ تائين مند ۾ روزانو 50 کان 60 فنگس تلاش ڪري وٺندو هيس،  پر هاڻي ڏينهن ۾ 5 کان 6 ملي وڃن ته اها به خوش قسمتي جي ڳالهه آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

هاڻ 18 ورهين جي ڄمار کان پوءِ به قد وڌائي سگهجي ٿو!

لنڊن(ويب ڊيسڪ) توهان اهو ٻڌو هوندو ته عام طور 18 ورهين کان پوءِ انسان جو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے