23 سومر , آڪٽوبر 2017

ڪچنار (Bauhinia) عورتن کي مخصوص ڏينهن ۾ رت وڌيڪ وهڻ جي سختي کان بچائي ٿو

لاهور (حڪيم محمد عثمان): ڪچنار (Bauhinia) پاڪستان، ڀارت ۽ چين ۾ وڏي انگ ۾ استعمال ٿيندڙ اهڙي سبزي آهي، جيڪا پنهنجي دوائن ۾ استعمال ۾ به سڃاڻپ رکندي آهي، ان ۾ بيڪٽريل انفيڪشن، انفليمينٽري مسئلن، قوت مدافعت جي گهٽتائي، جيري، شگر، السر، ٽيومر ۽ معدي جي ٻين جسماني عارضن کان بچائڻ جي صلاحيت موجود هوندي آهي، طبيب وڏي عرصي کان ڪچنار کي بواسر جي مريضن لاءِ انتهائي فائديمند سمجهندا پيا اچن، آيورويدڪ علاج معالجي مطابق به بواسيري مرض سبب جن مريضن کي حاجت ۾ ڏکيائي هوندي آهي، انهن کي ڪچنار جي سبزي ان وقت تائين کائيندي رهڻ گهرجي، جيستائين اهي بواسير جو مرض ختم نه ٿي وڃي، ڪچنار کائڻ سان انهن کي حاجت دوران سور به نه ٿيندو، ڪچنار جا جزا عورتن کي مخصوص ڏينهن ۾ رت وڌيڪ وهڻ جي سختي کان بچائيندا آهن، ان ئي سبب ڪچنار کي عورتن جي پسنديده سبزي چيو ويندو آهي، ڇو ته ٻي ڪنهن به سبزي ۾ ڪچنار جهڙي موثر خاصيت ناهي، ڪچنار انهن جي رت جو وهڻ ڪنٽرول ڪندو آهي، جڏهن ته خالص ۽ تازو رت به پيدا ڪندو آهي، ڪچنار کائڻ سان رت جا ناڪاري مادا خارج ٿي ويندا آهن ۽ معدي جي نظام جو سڌارو ٿيندو آهي، ان لاءِ ڪچنار ۾ ادرڪ وڌي وڃي ته ان جي موثر جزن جي ڪارڪردگي وڌي ويندي آهي، جديد تحقيق مان ثابت ٿيو آهي ته آندن جي اندروني زخمن کي ختم ڪرڻ ۾ ڪچنار موثر غذا آهي ۽ اندمالي جو ڪم ڪندو آهي، اهڙيءَ ريت جن ماڻهن کي کنگهه جو مسئلو هجي اهي ڪچنار سبزي طور استعمال ڪندا ڪن، جڏهن ته ڪچنار جي مکڙين جو کٽو بڻائي کائجي ته اهو آنڊن جي مرضن لاءِ تمام سٺو ثابت ٿيندو آهي، اسان وٽ ڪچنار جو گوشت سان گڏ پچائڻ جو رواج آهي، پر جڏهن ته ان کي دوائن جي مقصد لاءِ استعمال ڪرڻ جو ارادو هجي ته ان کي اڪيلو ئي پچائڻ گهرجي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

هڪ زيتون جا لاتعداد فائدا

 ڪراچي(ويب ڊيسڪ)زيتون موسم شروع ٿي وئي آهي، جن تي چارٽ مصالو لڳائي کائڻ هر ڪنهن …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي