11 پیر , دسمبر 2017

نوجوانن جو ڪارنامو،گرمي جي لهر کان بچڻ لاءِ ڊيوائس تيار

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)پاڪستاني نوجوانن ڪارنامو سرانجام ڏيندي سخت گرمي ۾ انساني جسم کي ٿڌو رکڻ لاءِ شمسي توانائي سان هلڻ واري دنيا جي پهرين جديد ڊيوائس تيارڪئي آهي.مائيڪرو پاور ليبز جي اڳواڻ عبدالله سومرو  صحافين سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته ڪراچي ۾ ايندڙ گرمي جي شديد لهر”هيٽ ويو“ ۾ وڏي پيماني تي ماڻهن جو مرڻ ڏسندي هڪ اهڙي ڊيوائس تيار ڪرڻ جو خيال ذهن ۾ آيو هو جيڪا انساني جسم کي ٿڌو رکي سگهي. هن چيو ته ڊيوائس کي في الحال آزمائشي طور تي ٽيسٽ ڪري رهيا آهيو جنهن کي ايندڙ سال موسم گرم دوران  مارڪيٽ ۾ آندي ويندي. ڊيوائس جي قيمت 3 کان  4 هزاررپين جي وچ ۾هوندي. ڊيوائس مريضن، پوڙهن ماڻهن،  سج جي تپش ۾ ڪم ڪرڻ وارن لاءِ انتهائي فائدي مند آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سام سنگ هاڻ هٿ پڙهڻ وارو فون تيار ڪندي

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) سام سنگ ارادو ظاهر ڪيو آهي ته هو اهڙي اسمارٽ فون تي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے