20 خميس , سيپٽمبر 2018

ڀارتي موسيقار اي آر رحمان فلم پروڊيوز ڪندو

AR Rahman Musicianممبئي (شوبز نيوز) موسيقيءَ جي استاد اي آر رحمان هاڻي فلمي صنعت ۾ پنهنجي پهرين فلم جي پروڊڪشن سان قدم ڄمائڻ جون تياريون ڪري رهيو آهي. فلم تامل ۽ هندي زبان ۾ تيار ڪيو ويندو ۽ فلم جو نالو ”99 سانگز“ رکيو ويو آهي. ان فلم ۾ هڪ ڳائڻي جي زندگي 10 مختلف گيتن وسيلي بيان ڪئي ويندي. اي آر رحمان جنهن ان فلم جي ڪهاڻي به لکي آهي جو چوڻ هو ته فلم ”فن ۽ خود کي ڳولڻ“ بابت آهي. آسڪر ايوارڊ يافته موسيقار ان فلم جي پروڊڪشن سان گڏوگڏ هدايتڪاري ڪرڻ جو ارادو به ڪيو آهي پر ٿوري وقت جي ڪري هن ان جي هدايتڪاريءَ جو ذمو ويشويش ڪرشنا مورتي کي ڏئي ڇڏيو آهي. رحمان فلم جو پهريون پوسٽ پنهنجي فيس بڪ اڪائونٽ تي شيئر ڪيو جنهن تي سندس چوڻ هو ته ماڻهن جي سپورٽ ۽ دعائن سان مان پنهنجي فلم جو پوسٽر رليز ڪري ڇڏيو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ماهرا خان طرفان ثانيا مرزا جي  ايندڙ ننڍڙي مهمان لاءِ نيڪ خوهشن جو اظهار

ڪراچي ( شوبز نيوز ) پاڪستان جي ناليواري اداڪارا ماهرا خان ۽ ڀارتي ٽينس اسٽار …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے