21 ڇنڇر , آڪٽوبر 2017

عوامي آواز| نوجوان شاعر امر پيرزادي سان رهاڻ| پروگرام: تخليق| ميزبان: زرار پيرزادو| مهمان: امر پيرزادو، بخشڻ مهراڻوي، رکيل مورائي 2017-10-06

ڪراچي (ٽي وي نيوز) نئين ٽهي جي نمائندي ۽ نالي واري شاعر امر پيرزادي چيو آهي ته مون شاعري ۾ رڌم ۽ موسيقي شيخ اياز کان سکي ته فڪري تخليق انور پيرزادي ۽ فيض احمد فيض کي پڙهي ڪئي. اهڙو اظهار هن عوامي آواز ٽي وي جي ادبي پروگرام ”تخليق“ ۾ پاڻ سان ٿيل رهاڻ جي موقعي تي ميزبان زرار پيرزادي سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته شاعري کي مان پنهنجي زندگي جي حاصلات، دلجي منظوم آتم ڪٿا، دل جي ڊائري سمجهندو آهيان. يعني ذات جي تڪميل شاعري کي سمجهندو آهيان. هڪ سوال جي جواب ۾ امر چيو ته مان اڄ جيڪو ڪجهه آهيان سو پنهنجي والد جي تربيت ۽ ڏنل شعور جي طفيل آهيان. هن جي همت افزائي ڪمال جي هوندي هئي. ٻيو ڪريڊٽ اياز جاني ۽ سنڌي ادبي سنگت ڏانهن وڃي ٿو. امر ٻڌايو ته 2018ع ۾ سندس شاعري جو ٻيو مجموعو ڇپائڻ جو ارادو آهي. جنهن تي ڪم هلي رهيو آهي. امر جي شاعري تي ڳالهائيندي نامياري شاعر ۽ ڪمپيئر بخشڻ مهراڻوي چيو ته امر پيرزادو بيشڪ پنهنجي ٽهي جوشاعرن ۾ فن، فڪر ۽ گهاڙيٽي ۽ اظهار ۾ منفرد حيثيت رکي ٿو. هي خوشنصيب آهي جيڪو انور پيرزادي جهڙي دانشور جي گهر ۾ پيدا ٿيو. هن چيو ته اسان واري ٽهي کي ڀڃ ڊاهه ۽ مزاحمت ملي جڏهن ته امر واري ٽهي کي حالتون مليون. سندس شاعري ۾ سگهارا ۽ خوبصورت موضوع ملن ٿا. بخشڻ چيو ته امر جي شاعري جي خاص ڳالهه اها به آهي ته اهو پنهنجي سوچ ۽ فڪر ۾ چٽو آهي. ۽ شين جو ادارڪ به اٿس. نالي واري شاعر ۽ نقاد رکيل مورائي چيو ته امر جي ٽهيءَ کي نج تخليقي ماحول ۽ تخليقي موضوع مليا. هن چيو ته امر ڀاڳ وارو آهي جو هن تمام جلد پنهنجي شاعري ۾ سڃاڻپ ٺاهي ورتي آهي، جيڪا ڏکي هوندي آهي. هن چيو ته شيخ اياز وانگر امر به غزل ۾ نوان موضوع آندا آهن. هن چيو ته اميد آهي ته امر پنهنجي ٻئي ڪتاب ۾ اڃا طاقتور شاعر ٿي اڀرندو. پروگرام ۾ امر پيرزادي چونڊ پنهنجي شاعري پڻ ٻڌائي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

عوامي آواز: 26 ڪروڙن جي پاڻي اسڪيم رولڙي جو شڪار آهي | پروگرام: سنڌ نگر، ميزبان: حنيف ساگر، ٽيلي فون لائن تي:وحيد بروهي ، رفيق ڀٽي، فيض گبول

فيض گبول جروار تعلقو سمورين بنيادي سهولتن کان محروم آهي پيئڻ جو پاڻي زهريلو آهي …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي