23 سومر , آڪٽوبر 2017

انسٽا گرام تي جانورن سان گڏ سيلفيون، جانورن لاءِ خطرو بڻجي ويون

لنڊن(ويب ڊيسڪ) جانورن جي بچاءُ جي حوالي سان ڪم ڪندڙ  اداري ”ورلڊ اينيمل پروٽيڪشن“  جو چوڻ آهي سياحن طرفان جنگلي جيوت سان گڏ سيلفيون ٺاهڻ  جو رحجان تيزي سان وڌي رهيو آهي. جنهن سبب ذميوار ٽور آپريٽر جانورن کي جهنگ کان پري ڪري رهيا آهن. اداري موجب سال 2014 کان هاڻ تائين جهنگلي جيوت سان گڏ سيلفيون ٺاهڻ ۽ انهن کي انسٽاگرام تي پوسٽ ڪرڻ ۾ 292 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي. اداري پاران انسٽاگرام کي چيو ويو آهي ته هو پنهنجي پليٽ فارم تي جانورن جي بچاءُ لاءِ فوري طور تي قدم کڻي، جنهن تي انسٽاگرام جو چوڻ آهي ته ماهرن جي ٽيم سان گڏجي ڪري هن مسئلي جو حل تلاش ڪري رهيا آهيون. ڪمپني جو چوڻ آهي ته انسٽاگرام تي اهڙي ڏوهاري سرگرمين ۾ سهولتڪاري ڪرڻ يا انهن کي مضبوط ڪرڻ تي بندش پيل آهي جن ۾ جانورن کي جسماني طور تي نقصان پهچندو هجي. اهڙو خطرو موجود هئڻ ڪري جانورن جي غير قانوني شڪار يا مقابلن لاءِ جانورن جو وڪرو کي هٿي ڏيڻ واري مواد جو اطلاع ملڻ تي انسٽاگرام تان هٽايو ويندو آهي.ڪمپني جو چوڻ آهي ته سندن جنگلي جيوت جي بچاءُ لاءِ ڪم ڪندڙ  ماهرن سان ڳالهيون هلي رهيو آهن اسان پنهنجي ڪميونٽي کي اهڙين سرگرمين جي حوالي سان ڄاڻ فراهم ڪرڻ جي طريقڪار تي غور ويچار ڪري رهيا آهيون جيڪي فطرت  ۽ جانورن جي لاءِ خطرناڪ ٿي سگهي ٿيون. جئين انسٽاگرام تي اهڙو مواد پوسٽ ڪرڻ جنهن سان جنگلي جيوت بهبود متاثر ٿيڻ يا سندن حياتي کي خطرو نظر ايندو هجي. ڪمپني، وڌيڪ چيو ته حقيقت هي آهي ته  بدقسمت جانور ڪيمرا جي اڳيان توڙي پويان ٻنهي پاسن کان عذاب ۾ مبتلا آهن،خيراتي اداري طرفان تصوير جو هڪ چوٿائي حصو جو تجزيو ڪرڻ کانپوءِ انهن سيلفين کي ”خراب سيلفيون“ قرار ڏنو ويو آهي جن ۾ ماڻهون جنگلي جيوت سان ڀاڪر پائي،کين پڪڙي بيٺل يا وري غير مناست طريقي سان انهن سان گڏ هجڻ شامل آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

واٽس ايپ ۾ لائيو لوڪيشن شيئرنگ جو نئون فيچر اچي ويو

لاهور (ويب ڊيسڪ): واٽس ايپ لائيو لوڪيشن شيئرنگ جو نئون فيچر آڻي ڇڏيو آهي. جڏهن …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي