20 پیر , نومبر 2017
نڪور خبرون

مسلم ليگ ن هڪ شخص کي بچائڻ لاءِ جمهوريت تي راڪيٽ حملو ڪيو آهي: شيخ رشيد

اسلام آباد( ويب ڊيسڪ ) عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد احمد چيو آهي ته مسلم ليگ ن هڪ شخص کي بچائڻ لاءِ جمهوريت کي راڪيٽ لانچر هنيو آهي. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شيخ رشيد احمد چيو ته آصف علي زرداري کي ان کان وڌيڪ ڪابه دلچسپي ناهي ته نيب چيئرمين سندن پنهنجو هجڻ گهرجي. هن چيو ته چونڊ سڌارن بابت جي منظوري بابت کيس خبر نه پئجي سگهي هو، لاعلمي جو اعتراف ڪري ٿو. سندس چوڻ هو ته ملڪ ۾ شور مچائي شور واري فلم لڳائي وئي آهي. شيخ رشيد چيو ته ن ليگ وارا چاهين ٿا ته نااهليت باوجود نظام ۾ سندن اهليت کي قبول ڪيو وڃي. هن چيو ته ملڪي سياست ۾ هلندڙ مهينو تمام گهڻو اهم آهي، لڳي ٿو ته ن ليگ ٽڪراءَ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي. سندس چوڻ هو ته پنجاب ۾ تحريڪ انصاف ۽ مسلم ليگ ن جو مقابلو آهي، پ پ مخالف ناهي. شيخ رشيد چيو ته سنڌ ۾ پ پ سان عمران خان جو مقابلو ٿيندو، نواز ليگ جو نالو نشان ئي ناهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيشنل سيونگ بئنڪنگ ڪليئرنگ سسٽم جو ميمبر بڻجي ويو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نيشنل سيونگ بئنڪنگ ڪليئرنگ سسٽم جو ميمبر بڻجي ويو آهي، جنهن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے