12 اڱارو , ڊسمبر 2017

عوامي آواز| قومپرست سياستدان سائين جي ايم سيد جي نظرئي تان هٽي ويا آهن | پروگرام: انٽرويو | ميزبان : اسد ممتاز رڏ| مهمان: رياض احمد چانڊيو 2017-10-02

ڪراچي (رپورٽر) جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض چانڊيي چيو آهي ته اسان جا ڪارڪن رياستي ڏمر جو شڪار آهن، پرامن قومي سياست کان روڪيو پيو وڃي، قومپرستن تي اڻ اعلانيل بندش وڌي وئي آهي، سنڌ جو نعرو هڻڻ ۽ جهنڊو کڻڻ تي سزا ڏني پئي وڃي، اهڙو اظهار هن عوامي آواز ٽي وي پروگرام ”انٽرويو“ ۾ميزبان اسد ممتاز رڏ سان ڳالهائيندي ڪيو، هن چيو ته سنڌ ۾هلندڙ کاٻي ڌر جي تحريڪ ڪڏهن ته سنڌ جي تاريخي حيثيت، تهذيب، تمدن ۽ خودمختياري کي ناهي مڃيو، هن وڌيڪ چيو ته سنڌ ۾1988 ع کانپوءِ جمهوري حڪومت هيٺ ڪرپشن کي منظم طريقي سان سياست جو حصو بڻايو ويو آهي، سائين جي ايم سيد جا پيروڪار پارلياماني سياست کان انڪاري ناهن، هن چيو ته قومپرست تحريڪن ۾ڪو به وڏيرو يا جاگيردار ناهي، پوءِ به اسان جي سڏ تي لکين ماڻهو رستن تي نڪرن ٿا، موجوده وقت ۾جيئي سنڌ تحريڪ ڀڃ ڊاهه جو شڪار آهي، دٻاءُ وڌيڪ آهي، ڪراچي ۾جيئي سنڌ جا جلسا ڪرڻ تي پابندي آهي، هن چيو ته طاقتور قوتون مرضي سان پارٽيون ٺهرائينديون آهن ۽ ماڻهو شامل ڪرائينديون آهن، هن چيو ته اسان پرامن جدوجهد جا حامي ۽ دهشتگردي خلاف آهيون پوءِ ڀلي اها قومپرستي ۽ سنڌ جي نالي تي ڇو نه ڪئي وڃي، اسان جي سياست پرامن آهي، هن چيو ته سنڌ جو عوام گندو پاڻي پيئڻ تي مجبور آهي عدليا ۽ انتظاميا قدم کڻي، هن چيو ته عوامي مفادن لاءِ جوڙيل قانون تي عمل نٿو ڪيو وڃي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

|سنڌ منظر جي پروگرام ۾ خصوصي ڳالهه ٻولهه| پروفيسر ڊاڪٽر ايس ايم طحه

سنڌ منظر جي پروگرام ۾ خصوصي ڳالهه ٻولهه پروفيسر ڊاڪٽر ايس ايم طحه

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے