18 سومر , جون 2018

عوامي آواز نيوز| لاڙڪاڻو: ماتم دوران علم پاڪ بجلي جي تار سان ٽڪرائجي ويو، عزادار فوت

لاڙڪاڻي ۾ ماتمي  جلوس ۾  علم پاڪ  بجلي جي هاءِ وولٽيج تار سان ٽڪرائڻ  جي نتيجي ۾ فوت ٿي ويل عزادار جي وارثن  لاش کڻائي پاڪستان چوڪ تي رکي سيپڪو خلاف احتجاجي ڌرڻو هنيو ويو. فوتي جي وارثن غلام سرور، قربان علي ۽ عبدالستار شيخ چيو ته سيپڪو انتظاميا جي بي ڌياني سبب يارهن هزار جي هاءِ وولٽيج جون تارون جلوس جي رستي تي لڙڪي رهيون هيون، جن سان علم پاڪ ٽڪرائڻ جي نتيجي ۾ سندن نوجوان طالب شيخ فوت ٿيو آهي هنن چيو ته سيپڪو عملي جي غفلت سبب  تارون نه هٽائڻ  جي ڪري سندن نوجوان فوت ٿي ويو ۽ ٻيو عزاداري زخمي ٿي پيو، جنهن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ ڪراچي جي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو آهي احتجاج ڪندڙن اعليٰ اختيارين کان گهر ڪئي ته ايڪسيئن ۽ لائن سپريڊينٽ تي ڪيس داخل ڪري کين انصاف ڏياريو وڃي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Kandhkot's crude operations in the region, inam golo recovery

نيوز: ڪنڌڪوٽ  جي ڪچي واري علائقي ۾ آپريشن، انعام گولو بازياب

 ڪنڌڪوٽ پوليس 2 مهينا اڳ اغوا ٿي ويل  ڳوٺاڻي انعام گولي کي بازياب ڪرائڻ جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے