24 سومر , سيپٽمبر 2018

جگا جاسوس قطرينا ۽ رنبير کي وري ملائي ڇڏيو

Ranbir & Katrina Kaifممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ جي باربي ڊول ۽ چاڪليٽي هيرو رنبير ڪپور وچ ۾ گھاٽي دوستي ۽ پوءِ الڳ ٿيڻ بعد هو نئين ايندڙ فلم ”جگا جاسوس“ جي گڏ ٿي رهيا آهن، ٻنهي اداڪارن کي هڪ ان فلم هڪ ڀيرو ٻيهر هڪ ٻئي سامهون اچي بيهاريندي. ڀارتي ميڊيائي رپورٽن موجب بالي ووڊ اداڪار رنبير ڪپور ۽ ڪترينه ڪيف وچ ۾ ويجھڙايون ۽ محبت ٿڌي ٿي وئي آهي. بالي ووڊ ان ٽٽل پريمي جوڙِي جي الڳ ٿيڻ کان پوءِ کين فلم ”جگا جاسوس“ جي پروڊيوسر سندن ڏکيائين ۾ واڌ ڪري ڇڏي آهي ڇو ته ٻنهي جو رشتو ٽٽڻ کان پوءِ فلم جي عسڪبندي اڌوري رهجي وئي آهي ۽ پروڊيوسر پڻ مٿي کي هٿ ڏئي ڇڏيا آهن. فلم نگريءَ سان واڳيل چند نمايان شخصيتن ۽ گڏيل دوستن جي سمجھائڻ کان پوءِ هاڻي اداڪارا قطرينه ڪيف ۽ ادڪار رنبير ڪپور کي هڪ ڀيرو ٻيهر گڏجي ويا آهن پر انهن جو اهو گڏجڻ رڳو فلم جگا جاسوس جي لاءِ آهي ۽ اهو به ان شرط تي ته فلم جي عڪسبندي ۽ آواز وارو ڪم جلد مڪمل ڪيو ويندو، جڏهن ته فلم جي اشتهاري مهم ٻئي دوران مٿس گڏجڻ جو دٻاءُ نه وڌو ويندو. فلم جگا جاسوس 3 جون تي سئنيما گھرن جي زينت بڻجندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

عامر خان به ڪترينا ڪيف جو ديوانو ٿي ويو

ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) بالي ووڊ جو مسٽر پرفيڪشنسٽ عامر خان به ڪترينا ڪيف …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے