12 اڱارو , ڊسمبر 2017

سبزين سان چهري جي رونق وڌايو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ): سبزيون انساني صحت جي لاءِ گھڻيون فائديمند آهن، سبزين کي پچائي يا سلاد طور استعمال ڪرڻ فائديمند هوندو آهي، انهن ۾ موجود فائدا ٻين غزائن کان وڌيڪ هوندا آهن، انهن مان نڪرندڙ رس به انساني چهري لاءِ فائديمند آهي. گرمين جي موسم ۾ سبزين جي گهڻي استعمال سان چهري کي صحت مند ۽ بارونق رکي سگھجي ٿو. ان مقصد جي لاءِ پنهنجي خوراڪ مان مرغ مصالحه ۽ پروٽين سان ڀريل غزائن کي گھٽ کائيندي سبزين کي انهن ۾ شامل ڪجي، گوشت، مڇي، انڊا، تريل شين ۽ دالين بدران سبزين جو استعمال نه رڳو صحت مند رکندو آهي پر ان سان اوهان جي چهري کي صحت مند ڪندو آهي ۽ بارونق رکندو آهي. ان مقصد جي لاءِ اوهان سبزين کي ميون سان گڏ ملائي به کائي سگهو ٿا، چهري جي خوبصورتي لاءِ سڀ کان وڌيڪ فائديمند ٽماٽو آهي، ٽماٽي کي نه رڳو مختلف طعامن ۾ استعمال ڪري سگھجي ٿو پر سلاد ۾ به کائڻ اوهان جي چهري کي فائدو ڏيندو آهي، ان سان گڏوگڏ جيري ۽ دل جي لاءِ به گھڻو ئي فائديمند آهي. ٽماٽي جو ماسڪ به خوبصورتي ۾ اضافو ڪندو آهي، چهري جي خوبصورتي جي لاءِ چار کان پنج ٽماٽا سٺي طرح گرائنڊ ڪري ۽ ان ۾ هڪ گلاس پاڻي جو وجهي وري بلينڊ ڪيو، ان کان پوءِ ڪنهن ململ جي ڪپڙي ۾ ٽماٽي جي چٽڻي کي ڇاڻي وٺو، ۽ ايئن اوهان وٽ ٽماٽي جو رس بچندو، ان رس ۾ پنج چمچا کنڊ ۽ پنج چمچا گليسرين وجھي ان کي هلڪي باهه تي پچايو، جڏهن اها رس گھاٽي ٿي وڃي ته ان کي ٿڌو ڪري وٺو، ان رس کي ڪنهن بوتل ۾ وجھي ان کي ماسڪ وانگر استعمال ڪيو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڏندن کي اڇو ۽ چمڪدار بڻائڻ جو گهريلو نسخو

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) چوندا آهن ته انسان جي پهرين منهن تي پوندي آهي ۽ منهن جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے