23 سومر , آڪٽوبر 2017

پشاور مان 2 دهشتگرد گرفتار، بارودي مواد ۽ هٿيار هٿ

پشاور (ويب ڊيسڪ): پوليس ۽ حساس ادارن گڏيل آپريشن ۾ 2 دهشتگردن کي گرفتار ڪري وڏي انگ ۾ ڌماڪيدار مادو ۽ هٿيار هٿ ڪري ورتا، پشاور ۾ ايس ايس پي آپريشنز سجاد خان پريس ڪانفرنس ۾ ٻڌايو ته ياسين آباد جي علائقي ۾ حساس اداري ۽ پوليس گڏيل آپريشن ڪيو، جنهن ۾ دهشتگردن کي گرفتار ڪيو ويو، ايس ايس پي موجب دهشتگردن کان 34 ڪلو ڌماڪيدار مادو، آءِ اي ڊيز، ڊيٽونيٽرز، بال بيرنگ، پرائما ڪارڊ، دستي بم، بيٽري سيل ۽ ٻيو مواد هٿ ڪيو ويو آهي، هن چيو ته دهشتگرد شهر ۾ دهشتگردي جي وڏي ڪارروائي ڪرڻ چاهين پيا جنهن کي وقت سر ناڪام بڻايو ويو آهي، واضح رهي ته سڄي ملڪ ۾ محرم الحرام جي مناسبت سان انتهائي سخت انتظام آهن ۽ پشاور سميت وڏن شهرن مان موٽر سائيڪل جي ڊبل سواري تي پابندي آهي، جڏهن ته موبائل فون سروس کي به معطل رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪرپشن جا ڪيس هاڻي رڳو فائلن ۽ الماڙين ۾ بند نه رهندا: نيب چيئرمين

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نيب چيئرمين جاويد اقبال چيو آهي ته نيب ۾ ميگا ڪرپشن …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي