11 پیر , دسمبر 2017

ماسڪ استعمال ڪرڻ ۽ لاهڻ جو طريقو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سڀ ڪو چاهيندو آهي ته اهو خوبصورت نظر اچي، خاص طور ان جو شوق مردن جي ڀيٽ ۾ عورتن کي گهڻي حد تائين هوندو آهي ۽ اهي سهڻيون نظر اچڻ لاءِ مختلف طريقا اختيار ڪنديون آهن، جن مان ماسڪ به هڪ آهي.

ماسڪ استعمال ڪرڻ جو طريقو:

چهري تي ماسڪ سدائين غسل ڪرڻ کان اڳ ڪيو ۽ ماسڪ کان اڳ چهرو صاف ڪيو، ٽوال ۽ ٽشو پيپر سان چهرو خشڪ ڪري ڇڏيو ۽ ماسڪ کي پنهنجي چهري جي سڀني حصن تي لڳايو. ماسڪ کان اڳ پنهنجي وارن کي ويڙهڻ نه وساريو، ماسڪ لڳائڻ کانپوءِ اکيون بند ڪري 20 منٽن تائين ليٽو ۽ ڪنهن ڪرسيءَ تي آرام سان ويهي رهو.

ماسڪ لاهڻ جو طريقو:

ماسڪ کي چهري تي 20 کان 30 منٽن تائين لڳايو ۽ ڪپهه کي هلڪي گرم پاڻي ۾ ٻوڙي ماسڪ کي چڱيءَ طرح صاف ڪيو. پوءِ منهن ڌوئي ٽوال سال خشڪ ڪري ڇڏيو ۽ اسڪن ٽانڪ يا اسٽرنجنٽ ناهي ته ڪپهه کي گلاب جي پاڻي ۾ ڌوئي چهري ۽ ڪنڌ تي گهمايو. ماسڪ لاهڻ کانپوءِ تڪڙو ميڪ اپ نه ڪيو.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڏندن کي اڇو ۽ چمڪدار بڻائڻ جو گهريلو نسخو

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) چوندا آهن ته انسان جي پهرين منهن تي پوندي آهي ۽ منهن جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے