20 خميس , سيپٽمبر 2018

عوامي آواز نيوز |ڀارت ۾ 66 کان وڌيڪ دهشتگرد تنظيمون آهن: خواجه آصف

پرڏيهي وزير خواجه آصف چيو آهي ته ڀارت ۾ 66 کان وڌيڪ دهشتگرد تنظيمون آهن، جيڪي پاڪستان ۾ دهشتگرديءَ  ۾ ملوث آهن، عالمي برادري پاڪستان سان ٿيندڙ ڀارتي بربريت جو سختيءَ سان نوٽيس وٺي.

نيو يارڪ ۾ ايشيا سوسائٽي کي خطاب ڪندي پرڏيهي وزير خواجه آصف جو چوڻ هو ته امريڪا جنگ ذريعي افغانستان ۾ ڪاميابي حاصل نه ٿو ڪري سگهي.

خواجا آصف جو چوڻ هو ته افغانستان ۾ امن ۽ سڪيورٽي جي ذميواري نه ٿا کڻي سگهون، گڏيل قومن کي ان حوالي سان ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي.

هن چيو ته ڀارت افغانستان رستي پاڪستان ۾ مداخلت ڪري رهيو آهي، جنهن جا اسان وٽ ثبوت آهن.

پرڏيهي وزير خواجا آصف چيو ته اثرائتي بارڊر مئنيجمنٽ تمام ضروري آهي، ان تي عملدرآمد لاءِ ڀارت کي فوري طور پابند بڻايو وڃي……….

هي به ڏسي سگهو ٿا

ShareefFamily, BilawalBhuttoZardari, Khipro

رات يارهين وڳي وارو نيوز بليٽن / 2018-09-19

*بلاول ڀٽو زرداري شريف ڪٽنب جي آزادي کي رليف قرار ڏئي ڇڏيو *اهو تاثر نٿو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے