16 سومر , جولاءِ 2018

عوامي آواز نيوز |عمران خان توهين عدالت ڪيس جي ڪارروائي 12 آڪٽوبر تائين ملتوي

اليڪشن ڪميشن عمران خان توهين عدالت واري ڪيس جي ڪارروائي هاءِ ڪورٽ ۾ ٻڌڻي هيٺ هئڻ سبب 12 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.  چيف اليڪشن ڪشنر  جي سربراهيءَ ۾ عمران خان خلاف توهين عدالت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي  عمران خان جو وڪيل شاهد نسيم گوندل ۽ اڪبر ايس بابر جو وڪيل احمد حسن پيش ٿيا.  عمران خان جي وڪيل شاهد نسيم گوندل پنهنجي دليلن ۾ موقف اختيار ڪيو ته هاءِ ڪورٽ جي لارجر بئنچ ڪيس جي ٻڌڻي 11 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي، هاءِ ڪورٽ جو اليڪشن ڪميشن جي فيصلي جي معطلي جو حڪم 11 آڪٽوبر تائين آهي جنهن تي اڪبر ايس بابر جي وڪيل چيو ته کين اميد آهي ته توهان توهين عدالت تي فيصلو ٻڌائي ڇڏيندا.  چيف اليڪشن ڪمشنر چيو ته هاءِ ڪورٽ ۾ سندن اختيارن جي دائري کي به چئلينج ڪيو ويو آهي، اسان جا ماڻهو هاءِ ڪورٽ ۾ فيصلي جي نقل جو انتظار ڪري رهيا آهن تنهن ڪري فيصلي جي ڪاپي ملڻ بعد ڪارروائي ٿيندي.  هن چيو ته جيڪڏهن هاءِ ڪورٽ 11 آڪٽوبر تائين فيصلو نه ٿي ڪري ته 12 آڪٽوبر تي اسان فيصلو ٻڌائي ڇڏينداسين،جنهن کانپوءِ اليڪشن ڪميشن هاءِ ڪورٽ ۾ ڪيس هئڻ سبب توهين عدالت جي ڪارروائي 12 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي………….

هي به ڏسي سگهو ٿا

Chambar: The protest against the police on entering the case of Bharti's legacy of Margaret Nari Swarra

نيوز: چمبڙ: مقتول ناري سويرا ڀٽي جي وارثن جو ڪيس داخل ڪرڻ تي پوليس خلاف احتجاج

*چمبڙ ۾ مقتول ناري سويرا ڀٽي جي وارثن پاران بنا جواز ڪيس داخل ڪرڻ تي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے