11 پیر , دسمبر 2017

عوامي آواز نيوز|ماڊل ٽائون سانحي جي ٻڌڻي لاءِ 3 رڪني نئين بئنچ جڙي وئي

لاهور هاءِ ڪورٽ ماڊل ٽائون سانحي جي ٻڌڻي لاءِ 3 رڪني نئين بئنچ جوڙي ڇڏي آهي. جسٽس عزيز شيخ بئنچ جي سربراهي ڪندو، جڏهن ته ٻين ججن ۾ جسٽس امين الدين ۽ جسٽس شهباز رضوي شامل آهن.

 3 رڪني بئنچ ماڊل ٽائون ڪميشن رپورٽ بابت درخواستن جي ٻڌڻي ڪندي.

 ان کان اڳ جسٽس ياور علي جي سربراهيءَ ۾ ٽه رڪني فل بئنچ ماڊل ٽائون سانحي بابت جسٽس باقر نجفي جي رپورٽ پبلڪ ڪرڻ ۽ اپيل جي درخواستن تي ٻڌڻي جي شروعات ڪئي ته عدالت چيو ته هڪ ئي معاملي تي مختلف نوعيت جون درخواستون اچي چڪيون آهن جن جي ٻڌڻي گڏ ممڪن ناهي.

 جسٽس ياور درخواستن تي ٻڌڻي ڪرڻ کان معذرت ڪئي جنهن سبب بئنچ ٽٽي وئي. جسٽس ياور ڪيس بابت فائلون چيف جسٽس هاءِ ڪورٽ کي موڪليندي معاملو چيف جسٽس حوالي ڪري ڇڏيو…………

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز: ڪستو اڇلائڻ جا دعويدار حڪمرانن ملڪ جو ڏيوالو ڪڍي ڇڏيو آهي: ڊاڪٽر معراج الهدى صديقي

جماعت اسلامي سنڌ جي امير ڊاڪٽر معراج الهدى صديقي چيو آهي ته ڪستو اڇلائڻ جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے