24 ہفتہ , فروری 2018

عوامي آواز نيوز|عمران خان نئين چونڊ جو مطالبو درست آهي : بابر اعواڻ

 بابر اعواڻ چيو آهي ته عمران خان خلاف نااهل وزيراعظم اسپانسرڊ ڪارروايون ڪري رهيو آهي، معيشت تباهه ٿي رهي آهي، عمران خان نئين چونڊ جو مطالبو ڪري جمهوري ۽ آئيني رستو اختيار ڪيو آهي.

اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي بابر اعواڻ چيو ته پاڪستان جي سڀ کان ڪرپٽ ناڻي واري وزير تي ڪيس هلي رهيو آهي، جنهن مني لانڊرنگ جو اعتراف ڪيو آهي.

هن چيو ته وزيراعظم شاهد خاقان عباسي لنڊن مان واپسي تي جيڪا ڳالهه ڪئي تنهن تي ڪارروائي ٿيڻ گهرجي، هو سپريم ڪورٽ کي مڃڻ لاءِ ئي تيار ناهي.

سندس چوڻ هو ته نااهل وزيراعظم ادارن ۾ ٽڪراءُ چاهي ٿو، نواز شريف ٽڪراءَ واري رستي تي اڪيلو آهي، قوم ساڻس گڏ ناهي

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ | آميرڪا جي هڪ ڳوٺ جي آبادي رڳو هڪ عورت تي ٻڌل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے